حڪومت عوام تي گئس بم ڪيرائي ڇڏيو، ايل پي جي هڪ رپيو 70 پئسا في ڪلو مهانگي

0Shares

اسلام آباد: (بيورو) : اوگرا عوام تي ”گئس بم“ ڪيرائي ڇڏيو. ايل پي جي في ڪلو قيمت ۾ هڪ رپيو 70 پئسن جو اضافو ڪري ڇڏيو. نئين قيمتن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب اوگرا جي طرفان ايل پي جي في ڪلو گرام جي قيمت ۾ هڪ رپيو 70 پئسا مهانگي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. ايل پي جي جي في ڪلو گرام جي نئين قيمت 114 رپيا 40 پئسا ٿي وئي آهي. ٻئي طرف ايل پي جي جو گهريلو سلينڊر به 20 رپيا مهانگو ٿي ويو آهي. ايل پي جي 11.8 ڪلو گرام سلينڊر جي نئين قيمت 1350 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. ايل پي جي جي نئين قيمتن جو نافذ آگسٽ جي مهيني جي لاءِ ٿيندو.ايل پي جي نئين قيمت جو اطلاق آگسٽ مهيني جي لاءِ هوندو. ان کان پهرين پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي جي سمري پيٽروليم ڊويزن کي موڪلي وئي آهي. پهرين آگسٽ کان پيٽروليم شين جي قيمت ۾ 8 رپيا 90 پئسا اضافي جو امڪان آهي. هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 5 رپيا 65 پئسا في ليٽر اضافي جي سفارش ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 5 رپيا 15 پئسا في ليٽر اضافي جي تجويز ڏني وئي آهي. گاسليٽ جي قيمت ۾ 5 رپيا 38 پئسا اضافي جي سفارش ڪئي وئي آهي.لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 8 رپيا 90 پئسا في ليٽر تائين اضافي جي تجويز ڪئي وئي آهي. اوگرا جي طرفان سمري پيٽروليم ڊويزن کي موڪلي وئي آهي. حتمي فيصلو ناڻي واري وزارت ڪندي. جيڪڏهن ناڻي واري وزارت قيمتون وڌائي ڇڏي ٿي ته نئين قيمتن تي عملدرآمد پهرين آگسٽ کان ٿيندو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں