حڪومت جو اپوزيشن جي احتجاج تي سخت ردعمل ڏيڻ جو فيصلو، احتساب بنا فرق جي جاري رهندو: وزيراعظم

0Shares

اسلام آباد  ( بيورو ) حڪومت مخالف ڌر خلاف سخت لائحه عمل اختيار ڪندي ۽ احتجاج تي ردعمل ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ حڪومتي ترجمانن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزيراعظمآمريڪا 7 جي دوري تي حڪومتي ترجمانن کي اعتماد ۾ ورتو.ذريعن موجب اجلاس ۾ سينيٽ چيئرمين خلاف بي اعتمادي رٿ وارو معاملو به غور هيٺ آيو ۽ ترجمانن وزيراعظم کي بي اعتمادي رٿ جي نمبر گيم کان آگاهه ڪيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته حڪومت مخالف ڌر خلاف سخت لائحه عمل اختيار ڪندي جڏهن ته حڪومت اپوزيشن کي احتجاج تي سخت ردعمل ڏيڻ جو به فيصلو ڪيو آهي ۽ ان ڏس ۾ وزيراعظم حڪومتي ترجمانن کي اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.وزيراعظم عمران خان حڪومتي ترجمانن کي حڪومت جو هاڪاري چهرو عوام آڏو آڻڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته احتساب جو عمل بنا فرق جاري رهندو.وزيراعظم چيو ته ڪرپشن جي ڪيسن ۾ ملوث ماڻهو ٽي وي تي اچي پاڻ کي سياسي شهيد بڻائي رهيا آهن ۽ قوم کي گمراهه ڪري رهيا آهن. وزيراعظم عمران خان چيو ته معاشي بحران مان نڪري آيا آهيون هاڻ ضرورت وارين شين ۾ عوام کي هر ممڪن ريليف ڏئي رهيا آهيون.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں