ملڪ رياض جي ناٺي، حسنين مرزا ۽ منظور قادر خلاف مبينا جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ ريفرنس داخل

0Shares

راولپنڊي (بيورو) جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ نيب راولپنڊي بحريا ٽائون جي سربراهه ملڪ رياض جي ناٺي زين ملڪ خلاف ريفنرس داخل ڪري ڇڏي، بين الصوبائي رابطن جي وفاقي وزير فهميدا مرزا ۽ سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير ذوالفقار مرزا جي پٽ حسنين مرزا سميت 16 ٻيا ماڻهن کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي.نيب راولپنڊي ريفرنس رجسٽرار احتساب عدالت کي جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، اومني گروپ جو مرڪزي ڪردار عبدالغني مجيد ۽ اڳوڻو ڊي جي منظور قادر ڪاڪا به جوابدارن جي فهرست ۾ شامل آهي. نيب طرفان الزام مڙهيو ويو آهي ته جوابدار ڳري رشوت وٺي نهر خيال ۾ پلاٽ جي غير قانوني الاٽمينٽ جي مبينا طور تي پلات جي غير قانوني الاٽمينٽ لاءِ هڪ ارب روپيا وصول ڪيا ويا.قومي احتساب بيورو طرفان چيو ويو آهي ته جوابدارن رقم جي ادائيگي لاءِ جعلي اڪائونٽس جو استعمال ڪيو، احتساب عدالت جوابدارن جو ٽرائل ڪري سزا ڏئي.هوڏانهن اڄ نيب هيڊڪوارٽر اسلام آباد ۾ بيوروز جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس ٿيو جنهن جي صدارت نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال ڪئي، اجلاس ۾ سمورن علائقائي بيوروز جي آپريشنلز ۽ پراسيڪيوشن ونگ جي 15 ڏينهن جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں