مال روڊ تي جلسو: شهباز شريف، ڪائره ۽ خرم دستگير سميت 1900 سياسي اڳواڻن خلاف ڪيس داخل

0Shares

لاهور (بيورو) مال روڊ تي جلسو ڪرڻ تي پوليس شهباز شريف ۽ ٻين اپوزيشن اڳواڻن سميت 1900 ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو. سول لائنز ٿاڻي جي ايس ايڇ او جي فرياد تي داخل ڪيس ۾ ڪيتريون ئي شقون شامل ڪيون ويونآهن. ڪيس ۾ مسلم ليگ ن لاهور جي سموري قيادت کي نامزد ڪيو ويو آهي. شهباز شريف قمر زمان ڪائره، وحيد گل، راڻا محمد ارشد، مجتبيٰ شجاع الرحمان، رابعا نسيم فاروقي، شيخ  روحيل اصغر، ڊاڪٽر اسد اشرف، عظميٰ بخاري ۽ خرم دستگير سميت ٻين کي نامزد ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر جي متن ۾ چيو ويو آهي ته مظاهرين مال روڊ کي چئني پاسن کان بند ڪري ڇڏيو آهي، مال روڊ بند ٿيڻ سبب شهرين کي ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، مظاهرين سائونڊ سستم لڳائي چڙ ڏياريندڙ تقريرون ڪيون ۽ ڪيترن ئي ماڻهن ڏنڊا کڻي ريلي ۾ شرڪت ڪئي. ايف آءِ آر جي متن موجب مظاهرين پوليس بيريئر ٽوڙي ڇڏيا ۽ بينر پوسٽر ڦاڙي ڇڏيا جڏهن ته مظاهرين پوليس ملازمن سان مزاحمت ڪئي ۽ حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں