جي ڊي اي پاران سنڌ ۾ احتساب جاري رکڻ ۽ وفاقي کاتن ۾ 5 لک سنڌي نوجوانن کي نوڪريون ڏيڻ جو مطالبو

0Shares

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر )گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس جي ڪور ڪميٽي جو اعليٰ سطحي اجلاس  جي ڊي اي سربراهه پير پاڳاري جي صدارت ۾ ڪنگري هائوس ۾ ٿيو اجلاس ۾ پير سيد صدرالدين شاه راشدي ,ايم پي اي پير سيد راشد حسين شاه راشدي ,ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ,سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير سينيٽر سيد مظفر حسين شاه ,اياز لطيف پليجو,سردار عبدالرحيم ,ڊاڪٽر صفدر عباسي,ايم پي اي نند ڪمار گوڪلاڻي,ايم پي اي شهريار مهر ,طارق حسن ,سيد جلال شاه ڄاموٽ, ۽ ٻين شرڪت ڪئي اجلاس ۾ جي ڊي اي وفاقي حڪومت سان ڳالهين لاءِ پنج رڪني ڪميٽي جوڙي چڏي پير سيد صدرالدين شاه راشدي چيو ته فوج ۽ حب وطن عوام جي هوندي بغاوت ممڪن نه آهي  اجلاس ۾ سنڌ ۾ امن امان جي خراب صورتحال ,معصوم ٻارڙين سان ٿيل جنسي زيادتين  مهانگائي ,پاڻي جي کوٽ تي ڳڻتي ۽  افسوس جو اظهار ڪيو ويو ,اجلاس م وزير اعظم جي آمريڪي دوري کي ساراهيو ويو اجلاس ۾ وزير اعظم ,وفاقي حڪومت ۽ اعلي آفيسرن سان رابطن لاءِ پنج رڪني ڪميٽي جوڙي وئي جنهن ۾  پير سيد صدرالدين شاه راشدي ,غلام مرتضي جتوئي ,ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا, صبدر عباسي ء اياز لطيف پليجو شامل هوندا ,اجلاس ۾ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ جي پنج لک نوجوانن کي وفاقي کاتن ۾ نوڪريون ڏئي سنڌ جي چهن ئي ڊويزنن ۾ انڊسٽريل زونز ٺاهيا وڃن,نيب سميت ڪرپشن خلاف ڪم ڪندڙ سمورا ادارا سنڌ ۾ ڪرپشن ڪندڙ وڏين مڇين خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪاروائي ڪري سنڌ جا ڦريل وسيلا سنڌ کي ڏياريا وڃن ,اجلاس کي خطاب ڪندي پير پاڳاري سنڌ م امن امان جي خراب صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو,هن چيو ت سنڌ جي زراعت کي هٿ وٺي تباهه ڪيو ويو آهي ,حڪمرانن کي ڪرپشن جو حساب ڏيڻو پوندو ,ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي پير سيد صدرالدين شاه راشدي چيو ت وزير اعظم جي آمريڪا جي ڪامياب دوري کانپوءِ سيپٽمبر ۾ وزير اعظم يو اين جو دورو ڪندو جنهن ۾ هو مني لانڊرنگ، ڪشمير، ڪرپشن سميت پاڪستان جو مظبوط ڪيس وڙهندو  هن چيو سنڌ جا سمورا وسيلا بي دردي سان لٽيا ويا آهن وسيلن ۽ گورننس  جي تحفظ جو وقت اچي ويو آهي سنڌ کي بهتر گورننس جي ڊي اي ڏيندي,هن چيو موجوده حڪومت عام چونڊن ۽ بلدياتي چونڊن تي اثر انداز ٿيندي رهندي آهي ستن ضلعن جي پوليس کي گهوٽڪي ۾ لاٿو ويو پوري مشينري استعمال ڪري ڌانڌلي وسيلي چونڊ کٽي وئي مرحوم علي محمد مهر کان سترنهن سئو ووٽ سندس پٽ وڌيڪ کنيا آهن ,جي ڊي اي جي پنج رڪني اعلي سطعي ڪميٽي عيد کانپوءِ وزير اعظم سان ملاقات ڪري اهو موقف رکندي ته سنڌ جا ڦريل وسيلا واپس وٺي سنڌ تي خرچ ڪيا وڃن ,آصف علي زرداري ء ميان نوازشريف جي مستقبل بابت پڇيل سوال جي جواب م پير صدرالدين شاهه راشدي چيو ت هڪ ستر سالن جو ٿي ويو آهي ۽ ٻيو اڻهتر سالن جو آهي نوجوانن جو مستقبل آهي بلاول ڀٽو جي بغاوت واري پڇيل سوال جي جواب ۾ پير سيد صدرالدين شاه راشدي چيو ته موجوده محب وطن قوم ءفوج ڪنهن به بغاوت کي برداشت نه ڪندي صحافين کي بريفنگ ڏيندي جي ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري اياز لطيف پليجو چيو ته اسان وزير اعظم ۾  سنڌ جي گورنر کان به اهو مطالبو ۽ اپيل ڪيون ٿا ته  سنڌ کي روزگار ,پاڻي وسيلن جو حق ڏنو وڃي ,هڪ سوال جي جواب ۾ اياز لطيف پليجو چيو ته جي ڊي اي ۾ ڪوبه اختلاف نه آهي مرتضيٰ جتوئي لنڊن ۾ هجڻ سبب اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو جڏهن اعلي سطعي ڪميٽي م سندس نالو موجود آهي ۽ اين پي پي جو جنرل سيڪريٽري اجلاس م موجود هئو ڪڏهن ڪنهن کي ضروري ڪم به ٿي پوندو آهي شرڪت نه ڪرڻ جو مقصد اهو ن آهي ته اهي اسان کان ناراض آهن ,ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم اسان سان رابطي ۾ آهي ,هن چيو ته سنڌ ۾ گذريل ٽيهن ڏينهن م غربت سبب پندرنهن خودڪشيون ٿيون آهن سترنهن ٻار اغوا ٿيا آهن ء چئن معصوم نياڻين کي ريپ ڪري قتل ڪيو ويو آهي جنهن تي پڻ اجلاس ۾ سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو ء اجلاس ۾ پير پاڳاري سنڌ جي عوام کي اپيل ڪئي آهي ت هو پنهنجين نياڻين جو تحفظ ڪن  ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته بلاول زرداري کي سندس والد جي بزنس پارٽنر شپ الطاف سان اڃان ختم ناهي ٿي جنهن ڪري هو سندس حمايت ڪري رهيو آهي هن چيو ته بدين کي ڪربلا بڻايو ويو آهي ماڻهن جا حق ڦٻايا ويا آهن ان ڪري زرداري کي ايتري پيٽ جي بيماري ٿي پئي آهي جو هو پيمپر پائڻ تي مجبور آهي ء سڄي سنڌ حڪومت زرداري صاحب جي پيمپر مٽائڻ تي لڳائي وئي آهي ,ان موقعي تي ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته سنڌ ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ آهي زهريلو پاڻي ڏنو ٿو وڃي ,اين ايف سي ايوارڊ تحت سنڌ کي مليل ٻ هزار ارب رپيا هڙپ ڪيا ويا آهن ,سنڌ حڪومت به ناجائز آهي وفاقي حڪومت سنڌ جي مسئلن تي توجهه ڏئي

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں