ڪراچي (چيف رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ڪراچي ۾ ان وقت تائين تبديلي نه ايندي جيستائين نظام تبديل نه ٿيندو ڪراچي پوئتي وڃي ٿو ته ملڪ به پوئتي وڃي ٿو واري ڦيري سان حڪومت ڪندڙن ملڪ جي بيورو ڪريسي کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي وڏن محلن ۾ رهندڙ ٻڌائي نٿا سگهن ته ڪٿان پئسو آيو آهي شهبازشريف پوليس جي مدد سان عدالت کان مٿان قتل ڪرائي ٿو (ن) چوندي هئي ته امپائر جي آڱر مان مراد فوج آهي لاهور کي پئرس بنائڻ جي اصليت قوم آڏو ظاهر ٿي ويئي مان آخري بال تائين ڪوشش تي يقين رکان ٿو اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع تي تاجر اڳواڻ عبدالرحيم جانو جي رهائشگاهه تي ناشتي تي بزنس ڪميونٽي سان ڳالهه ٻولهه ۽ آباد ۾ خطاب ڪندي ڪيو ان کان اڳ عمران خان آباد جي آفيس پهتو ته سندس استقبال ڪيو ويو تقريب شروع ٿي ته قومي ترانو پيش ڪيو ويو جنهن تي عمران خان سميت سمورا سياسي اڳواڻ ۽ ڪاروباري ماڻهو اٿي بيٺا عمران خان پنهنجي خطاب ۾ چيو ته راند جا اصول آهن مخالف کي ڪڏهن به ڪمزور نه سمجهو عوام تبديلي لاءِ تيار آهي رڪشا ۽ موٽر سائيڪلن تي عوامي ريليون ڪڍو عوام وٽ وڃو لاهور کي پئرس بنائڻ جي حقيقت قوم آڏو ظاهر ٿي ويئي چونڊن ۾ به خبر پئجي ويندي الله تعاليٰ مينهن وسائي (ن) ليگ کي بي نقاب ڪري ڇڏيو رپئي جو به ايترو ملهه هيٺ ناهي ڪريو قوم قرضي ٿي ويئي ايڪسپورٽ ۾ بنگلاديش اسان کان مٿي ٿي ويو پاڪستان ٺهيو ته بنگلاديش کي بار سمجهيو ويندو هو ننڍو کنڊ دنيا جو سڀ کان غريب علائقو آهي پاڪستان ان ۾ به سڀ کان پوئتي اهي ڪراچي ۾ ان وقت تائين تبديلي نه ايندي جيستائين نظام تبديل نه ٿيندو سول سروس 60 جي ڏهاڪي ۾ ايشيا جي بهترين سول سروس هئي جيڪي وڏا ڊيم ٺاهيا منهنجو ايمان آهي ته ڊگهي اونداهي رات ختم ٿيڻ واري آهي پاڪستان جي ترقي لاءِ ڪراچي جي ترقي ضروري آهي تنهنڪري اتان اليڪشن ورهي رهيو آهي ميمڻ ڪميونٽي سان واسطو انهيءَ ڪري آهي جو سڀ کان وڌيڪ خيرات ڏي ٿي شوڪت خانم ۾ ميمڻ ڪميونٽي وڌ ۾ وڌ مدد ڪئي نمل يونيورسٽي ۽ شوڪت خانم لاءِ عقيل ڊيڊي سدائين مدد ڪئي واري ڦيري سان حڪومت ڪندڙن وٽ ڪراچي جو حل نه آهي ادارن کي تباهه ڪندڙ جماعتون انهن ادارن کي ٺيڪ نٿيون ڪري سگهن پ پ پ ۽ (ن) ليگ 30 سالن ۾ 6-6 وارا ورتا ته پوليس کي ٺيڪ نه ڪيو شهبازشريف پوليس جي مدد سان عدالت کان مٿاهان قتل ڪرائي ٿو ماڊل ٽائون ۾ پوليس کان قتل ڪرايا رائو انوار هتي 400 ماڻهو قتل ڪيا مون مٿان پنجاب ۾ 32 ايف آءِ آر آهن ڪراچي کي بااختيار مقامي حڪومت جو نظام ڏينداسين. ڪي پي ڪي ۾ عدالت کان مٿانهون هڪ به قتل ناهي ٿيو ڪراچي کي پاڻي ڏيڻ جو پلان رٿيو آهي ڪچري مان بجلي ٺاهينداسين انهيءَ بجلي مان ڊي سينيشن پلانٽ هلندا جيڪي پاڻي فراهم ڪندا هي هڪ مشڪل ڪم آهي جيڪو اسان ڪرڻ وڃي رهيا آهيون لاهور کي پئرس چوندڙن جو حال ڏسو هي 30 سالن کان واري واري سان حڪومت ڪندا رهيا آهن سمورا ادارا تباهه ٿي رهيا آهن 60 ڪروڙ جي گهر ۾ حسين نواز ڪيئن رهي ٿو ان جو جواب نٿو ڏي ڇو هن چوري ڪئي آهي مان ڪراچي مان اليڪشن وڙهڻ جو فيصلو انهيءَ ڪري ڪيو آهي ته پاڪستان جو معاشي حب آهي ڪراچي ترقي ڪندو ته پاڪستان ترقي ڪندو پاڪستان عظيم ملڪ ڪراچي جي ڪري ٺهندو. اڄ پختونخواهه جي پوليس سڀ کان بهتر آهي ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران ان چيو ته جڏهن اسان وڏا ٿي رهيا هئاسين ته ملڪ جا ادارا مضبوط هئا 60 جي ڏهاڪي ۾ ملڪ ترقي ڪري رهيو هو سموري تباهي اسان جي آڏو ٿي اڄ اسان قرضي ٿيندا پيا وڃن ادارا تباهه ٿي ويا آهن ادارن سان ملڪ ترقي ڪري ٿو پر اڳوڻن حڪمرانن ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو. عمران خان وڌيڪ چيو ته پاڪستان جو عوام تبديلي چاهي ٿو مون کي فيصلو ٿيندي نظر اچي رهيو آهي اونداهي رات مان نڪرڻ لاءِ پاڪستان کي بهترين موقعو مليو آهي. مان پنهنجن اميدوارن کي چوان ٿو ته گهٽي گهٽي وڃون ۽ ريليون ڪڍو پنهنجي مخالف کي ڪمزور نه سمجهو ان حوالي سان ڪرڪيٽ جي زبان ۾ چيو ويندو آهي ته جيستائين آخري بال نه هلايو وڃي ته فيصلو ناهي ٿيندو. ڪراچي پوليس کي غلط استعمال ڪيو پيو وڃي. اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر رشيد گوڊيل پنهنجي خطاب ۾ چيو ته عمران خان کي ڀليڪار چوان ٿو چونڊن جي ڏينهن عورتون پنهنجن مڙسن کي ناشتو نه ڏين 50 سيڪڙو ٽرن آئوٽ ٿيڻ ضروري آهي ووٽرز کي گهرن مان ڪڍڻ عورتن جي ذميواري آهي ان موقعي تي عبدالرحيم جانو ۽ يحيٰ پولاني پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو يحيٰ پولاني چيو ته مستقبل جو وزيرعظم عمران خان آهي ووٽ هڪ امانت آهي خيانت ڪنداسين ته سٺي قيادت نه ايندي پاڪستان کي پنهنجو ڪندڙ هڪ ئي ليڊر عمران خان آهي.5
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟