اپوزيشن جو حڪومت خلاف ڪارو ڏينهن، ملڪگير احتجاج، چئني صوبن ۾ جلسا

0Shares

ڪراچي / لاهور/  پشاور / ڪوئيٽا (اسٽاف رپورٽر + بيورو + نمائندن وٽان) عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي  جي خلاف مخالف ڌر پارٽين ڪارو ڏينهن ملهايو. جڏهن ته چئني صوبائي گادي وارن هنڌن سميت سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪيو ويو، .مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز پنهنجي اباڻي شهر لاهور جي بدران ڪوئيٽا ۾ جلسو ڪيو. جنهن جي لاءِ  هو لاهور کان ڪوئيٽا پهتي، . لاهور ۾ مسلم ليگ ن، ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي، ڪوئيٽا ۾ پي ڪي ميپ ۽ پشاور ۾ جي يو آءِ (ف) جلسن جا ميزبان هئا. جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ اي اين پي جي سربراهه اسفنديارولي خان پشاور ۾ جلسي کي مختصر خطاب ڪيو. مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف لاهور جڏهن ته پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ جلسي کي خطاب ڪيو. پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو اهي ته اسان حڪومت خلاف بغاوت جو علم کڻي رهي آهيون، هن وقت ڪجهه قانون نه پر پورو آئين نشاني تي آهي، ڪابه هڪ سياسي پارٽي سمورا مسئلا حل نه ٿي ڪري سگهي، اسان ان فراڊ اليڪشن ۽ جعلي حڪومت کي نه ٿا مڃون. ڪراچي ۾ اپوزيشن پارٽين جي جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سليڪٽيڊ حڪومت عوام جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي، عوام تي مهانگائي جو بم ڪيرائي ڇڏيو آهي، هن چيو ته 25 جولاءِ تي اسان تي سليڪٽيڊ حڪومت مڙهي وئي، اسان سياسي پارٽين جي پنهنجي پنهنجي سوچ آهي ۽ ماضي ۾ اسان پنهنجي ويڙهه به وڙهي آهي پر اسان سڀئي محب وطن پاڪستاني آهيون. هن چيو ته جڏهن به جمهوريت خطري ۾ پئي اسان گڏجي وڙهياسين، اڄ به نظر اچي رهيو آهي ته جمهوريت خطري ۾ ۽ پاڪستان جي مئلن جو حل ڪا هڪ پارٽي اڪيلي نه ٿو ڪري سگهي، ان لاءِ اسان ٻيهر عوام جي جمهوري ۽ معاشي حقن جي لاءِ متحد ٿي چڪا آهيون. بلاول چيو ته هن وقت سياستدان ئي نه پر سياست نشاني تي آهي، ميڊيا جي آزادي به نشاني تي آهي، انساني حقن، غريب، مزدور، واپار ۽ مظلوم نشاني تي آهي، هن وقت غريبن کي گهر ڏيڻ جي نالي تي غريبن جا گهر به نشاني تي آهن، هن وقت وفاق ۽ آئين نشاني تي آهي. جميعت علماءِ اسلام ف جي سربراهه مولان فضل الرحمان چيو  آهي ته اسان جيل ڀري ڇڏينداسين پر حڪومت کي نه مڃنداسين. عام چونڊن کي هڪ سال پورو ٿيڻ تي پشاور ۾ اپوزيشن پارٽين احتجاجي جلسو منعقد ڪري ڪارو ڏينهن ملهايو، جلسي کي خطاب ۾ مولانا فضل الرحمان، احسن اقبال، اسفند يار ولي، آفتاب شيرپائو، نيئر بخاري حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي ۽ چيو ته اپوزيشن اسلام آباد جي ڪال ڏني ته حڪومت کي گهر وڃڻ کان ڪير به نه بچائي سگهندو. مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان جيل ڀري ڇڏينداسين پر حڪومت کي نه مڃنداسين، 25 جولاءِ تي چونڊون جعلي هيون، هاڻ پوري ملڪ ۾ عمران خان سليڪٽيڊ نه رجيڪٽيڊ ٿي ويو آهي. هن چيو ته گذريل سال 25 جولاءِ تي ٿيندڙ چونڊون جعلي هيون حڪومت جيترا جيل ڀري وٺي ان کي نه مڃنداسين.مسلم ليگ ن جي احسن اقبال چيو ته ڪوٽ لکپت جيل مان نواز شريف جو پيغام کڻي آيو آهيان امن قائم ڪرڻ ۽ فاٽا انضمام مسلم ليگ ڪري ڏيکاريو، هن جو چوڻ هو ته ملڪي معيشت تباهي جي ڪناري تي آهي. عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه اسفند يار ولي خان اپوزيشن جي جلسي کي برسات جو پهريون ڦڙو قرار ڏيندي چيو ته ملڪ تباهي جي ڪناري تي آهي، مهانگائي جو طوفان آڻِ تبديل آندي وئي هن مطالبو ڪيو ته ملڪ ۾ حقيقي جمهوري چونڊون ڪرايون وڃن. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نيئر بخاري حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته 25 جولاءِ تي هڪ ٻيو شوڪت عزيز ملڪ تي مڙهيو ويو آهي، عمران خان نه بچندو نه ئي سينيٽ جو چيئرمين اسان ٻنهي کي ٻوڙي ڇڏينداسين. قومي وطن پارٽي جي سربراهه آفتاب شيرپائو جلسي کي خطاب ۾ چيو ته عمران خان نيازي ملڪي سلامتي کي خطرو آهي ملڪي ميڊيا تي ڇيهو آهي، سياسي پارٽين جي اڳواڻن جي پڪڙ جاري آهي، آئين جون ڀڃڪڙيون ڪري ملڪ آمريت طرف وڃي رهيو آهي. لاهور ۾ جلسي کي ن ليگ صدر شهبازشريف خطاب ڪندي چيو ته حڪومت بوکلاهٽ جو شڪار ٿي وئي آهي. مخالفنکي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي اسان ڊڄڻ وارا ناهيون. ڪوئيٽا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي حاصل بزنجو ۽ مريم نواز چيو ته 25 جولاءِ تي سليڪٽيڊ حڪومت مڙهي وئي سينيٽ چيئرمين حاصل بزنجو ٿيندو. حڪومت خلاف تحريڪ شروع ٿي چڪي اهي. جڏڌهن ته نوابشاھ، ٽنڊوآدم، سنجهورو، سجاول، سڪرنڊ، عمرڪوٽ، سانگهڙ ٺٽو ميرپورماٿيلو، ٽنڊوالهيار، سکر، لاڙڪاڻو، حيدرآباد، خيرپور، ٺامشورو، نصير آباد، رڪن ٻرڙا سميت ننڍن وڏن شهرن ۾ گڏيل اپوزيشن جي احتجاج واري سڏ تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں