وزيراعظم آمريڪي دوري بابت ڪابينا کي اعتماد ۾ وٺي ڇڏيو، ٽرمپ جلد پاڪستان ايندو: عمران خان

0Shares

اسلام آباد(بيورو)وفاقي ڪابينا گذريل ڏهن سالن دوران ٿيندڙ پرڏيهي خرچن جا پئسا اڳوڻن حڪمرانن کان وصول ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، ڪابينا اي سي سي جي سترنهن جولاءِ جي اجلاس جي فيصلن جي منظوري پڻ ڏئي ڇڏي.وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، ڪابينا ميمبرن کي آمريڪا دوري بابت بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته وزيراعظم آمريڪا دوري بابت اعتماد ۾ ورتو، ڪابينا ميمبرن ڪامياب دوري تي وزيراعظم کي مبارڪباد پڻ پيش ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن وزيراعظم کي آمريڪا ۾ ايتري پذيرائي ملي، آمريڪي قيادت تي واضح ڪيو ويو ته دورو امداد لاءِ نه پر پاڪستان واپار چاهي ٿو. وزيراعظم ڪابينا اجلاس کي  خطاب ڪندي چيو ته هن پنهنجي آمريڪا دوري دوران ڪشمير مسئلي کي اجاڳر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ڇو ته پاڪستان ڪشمير مسئلي جو حل چاهي ٿو، آمريڪي صدر ڪشمير مسئلي تي ٽياڪڙي جي آڇ ڪئي آهي. عمران خان چيو ته اهو پنهنجي نوعيت جو ڪامياب دورو هو، جنهن دوران آمريڪي صدر پاڪستان جي دوري جي دعوت قبول ڪري ورتي، هو جلد پاڪستان ايندو. وفاقي ڪابينا 17 جولاءِ تي اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ٿيندڙ فيصلن جي منظوري ڏئي ڇڏي، جڏهن ته اٺين ويج بورڊ ايوارڊ ۾ چئن مهينن جي واڌ ۽ پاسپورٽ مان پيشي جو ڪالم ختم ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني وئي.01

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں