وڏي وزير ماهرن سان مشاورت بعد گهوٽڪي، ڪنڌڪوٽ و پل جي الائيمينٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي

0Shares

ڪراچي  (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ سمورن لاڳاپيل ماھرن ۽ مقامي سطح تھ ماڻھن کان صلاح بعد گھوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل جيڪا سکر بئراج جي اپ اسٽريم کان 60 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آھي جي الائيمنٽ جي منظوري ڏني. اھا پل اتر ۾ 28 کان 4 ڊگري ۽ 69 کان 12 ۽ اوڀر ۾ 69 کان 15 ڊگري ۽ اين 28 ڊگري ۽ گڊو بئراج ھي ڊائون اسٽريم جي اندر واقع آھي. ھن اھو فيصلو  ايريگيشن ۽ پاڻيءَ جا ماھرن، ڪنسلٽنٽس، ورڪس کاتي جي انجنئيرز، ڪنڌڪوٽ –ڪشمور ضلعي جي مقامي اسٽيڪ ھولڊز سان گڏ ھڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو تھ پھرين ھائيڊرولڪ اسٽڊي ايريگيشن ريسرچ انسٽيٽوٽ ندي پور ليب 28 مارچ 2018ع تي ڪئي ھئي. آبپاشي کاتي پل جي ھنڌ جيڪي آر ايف پي ۽ ان سان گڏوگڏ ڪنسيشن ايگريمينٽ ۾ آھي بابت پنھنجن خدشن جو اظھار ڪيو. آبپاشي کاتي نئين لوڪيشن تجويز ڪئي جيڪا اصل برج کان اپ اسٽريم اٽڪل 14 ڪلوميٽر جي فاصلي تي آھي. وڏي وزير اين اِي ڊي يونيورسٽي، مھراڻ يونيورسٽي، آبپاشي کاتي ۽ ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي آفيشلز تي ٻڌل ھڪ گڏيل ماھرن جي ڪميٽي جوڙي جيڪا برج واري ھنڌ جو جائزو وٺي سڀ کان بھتر ۽ مناسب ھنڌ جي نشاندھي ڪرڻ ھئي. گڏيل ماھرن واري ڪميٽيءَ ۾ تفصيلي ويچارن کانپوءِ آر ايف مطابق اصل لوڪيشن جي سفارش ڪئي وئي. ورڪس اينڊ سروسز کاتي ۾ مئي 2018ع ۾ ڪنسيشن ايگريمينٽ تي خانگي ڪمپني ايس پي وي سان صحيون ڪيون ويون، جنھن سان گھوٽڪي ڪنڌڪوٽ روڊ اينڊ برج ڪمپني پرائيوٽ لميٽيڊ بڻائي وئي جنھن ھائيڊرولڪ ماڊل اسٽڊي ندي پور ليب کان ورڪس اينڊ سروسز کاتي کي جمع ڪرائي جيڪا وڌيڪ ڪارروائيءَ لاءِ حتمي ھنڌ کي تجويز ڪرڻ لاءِ ھئي. ماڊل اسٽڊي تجويز ڏني تھ پل 2 ڪلوميٽر ھئڻ گھرجي، پل جي درياھھ تي مجموعي ويڪر 9 ڪلوميٽر آھي ان جو مطلب اھو ٿيو تھ ھي 2 ڪلوميٽر ڊگھي پل 4 قطارن واري ھوندي ۽ ٻنھي پاسن ۾ پنجن ڪلوميٽرن تائين ايپروچنگ روڊ ھوندا. اھو ڳالھھ مشاھدي ۾ ظاھر ٿي تھ 2010ع واري ٻوڏ دوران پاڻي ٽوڙھي بند تائين پکڙجي ويو ھو انڪري وڏي وزير فيصلو ڪيو تھ پل جي ڀرسان واقع سمورن بندن کي مضبوط ڪيو ويندو. وڏي وزير ورڪس اينڊ سروسز کاتي ۽ آبپاشي کاتي کي ھدايت ڪئي تھ اھي پل واري رٿا انڊس ريور ڪميشن (آءِ آر سي) ڏانھن موڪليو وڃي. ھن چيو تھ جيئن ئي آءِ آر سي رٿا جي منظوري ڏئي تھ فوري طور تي ڪم شروع ڪيو وڃِي. وڏي وزير چيو تھ اھا پل صوبن پنجاب-سنڌ-بلوچستان کان ٽرانسپورٽ لاءِ تمام ويجھن ضلعن جي ماڻھن لاءِ ھڪ سوکڙي ثابت ٿيندي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں