سنڌ حڪومت فار سيل آهي، حڪومت نالي ڪابه شيءَ ناهي: سپريم ڪورٽ

0Shares

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سُپريم ڪورٽ صحت کاتي کي ميرپور خاص ۾ اضافي ڀرتيون ڪرڻ کان روڪيندي اشتهار معطل ڪري ڇڏيو. عدالتِ عظميٰ ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته سنڌ ۾ حڪومت نالي ڪا شئي ناهي، هر ڪو پنهنجي مرضيءَ سان ڪم پيو ڪري، سنڌ حڪومت فار سيل آهي. سُپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ صحت کاتو ميرپور خاص ۾ اضافي ڀرتين واري معاملي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف نظرثاني درخواست تي ٻڌڻي ٿي. عدالت سنڌ هاءِ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي صحت کاتي کي ميرپور خاص ۾ وڌيڪ ڀرتيون ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. عدالت سنڌ جي صحت کاتي طرفان گذريل هفتي ڀرتين جي حوالي سان شايع ٿيل اشتهار کي به معطل ڪري ڇڏيو. عدالت ۾ داخل ٿيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته صحت کاتي ميرپور خاص ۾ 2015ع دوران 305 ملازم ڀرتي ڪيا، جنهن ميڊيڪل سوڌو ٻيون ٽيسٽس به ورتيون ويون، اڄ تائين اسان کي پوسٽنگ نٿي ڏني وڃي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته متاثر اُميدوارن سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو پر عدالت سندن درخواستون رد ڪري ڇڏيون هيون. عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته هزارين ملازم ڀرتي ڪيا ويندا آهن، پوءِ پگهارون ناهن ڏنيون وينديون، ماڻهن کان پئسا وٺي ڀرتي ڪرڻ بعد سندن پگهارون بند ڪيون وينديون آهن. جسٽس سجاد علي شاهه ريمارڪس ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت فار سيل آهي، اڃا تائين ٿورا گهڻا ماڻهو ايندا آهن، ڪڏهن هزارين ماڻهو ٻاهر اچي ڌرڻو هڻندا. جنهن ڊي ايڇ او ڀرتيون ڪيون، اُن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ها، سنڌ سرڪار اُن ڊي ايڇ او کي اعزاز سان رٽائر ڪري ڇڏيو. جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته سنڌ ۾ حڪومت نالي ڪابه شئي ناهي، سڀ پنهنجي ئي مرضي سان ڪم هلائي رهيا آهن. عدالت صحت کاتي جي عملدارن کي ڪاوڙ ظاهر ڪندي ڇنڊ ڪڍي، جسٽس گلزار احمد چيو ته توهان کي ڪنهن شئي جي خبر ناهي هوندي ته پوءِ ايندا ڇو آهيو؟ ڇا عدالت کي توهان جا مهانڊا ڏسڻا آهن. جسٽس گلزار احمد ڊي ايڇ او ميرپور خاص کان پُڇيو ته رول 16 ڇا آهي؟ ڊي ايڇ او عدالت مطمئن نه ڪري سگهيو، جنهن تي جسٽس گلزار احمد کيس چيو ته توهان آفيسر آهيو، توهان کي رول 16 جي خبر ناهي، جسٽس سجاد علي شاهه ريمارڪس ڏيندي چيو ته چوڪيدار جي پوسٽ لاءِ ته تعليم گهربل ناهي، توهان ميرٽ ڪيئن ٺاهيندا آهيو، ڇا کين ڪُشتي ويڙهائيندا آهيو؟ بس جيڪو پهرين آيو، اُن کي ڀرتي ڪري ورتو. عدالت صحت کاتي جي اختيارين کي ڇنڊ ڪڍي ۽ چيو ته جڏهن پهرين وارا هي ماڻهو موجود هئا ته نين ڀرتين لاءِ اشتهار ڇو ڏنو؟ 01

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں