“سينيٽ چيئرمين خلاف بي اعتمادي رٿ واپس وٺو” حڪومتي وفد فضل الرحمان وٽ پهچي ويو، مولانا جو انڪار

0Shares

اسلام آباد(بيورو) سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي خلاف تحريڪ عدم اعتماد جي معاملي ۾ حڪومت وفد ۽ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي وچ ۾ ملاقات بنا نتيجي رهي جتي مولانا جي انڪار جي باوجود حڪومتي وفد بهتري جي لاءِ اميد ڏيکاري.اسلام آباد ۾ مولانا فضل الرحمان سان سندس گهر سينيٽ ۾ قائد ايوان شبلي فراز ۽ بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال سان گڏ حڪومتي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ مخالف ڌر ۽ حڪومتي وفد جي وچ ۾ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي خلاف تحريڪ عدم اعتماد تي ڳالهيون ٿيون. ملاقات کان پوءِ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائندي مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته سينيٽ چيئرمين جي خلاف مخالف ڌر جي تحريڪ عدم اعتماد اچي چڪي آهي جنهن جو فيصلو مخالف ڌر جي آل پارٽيز ڪانفرنس اي پي سي ۾ ٿيو هو. هن چيو ته مخالف ڌر هاڻ گهڻو ڊگهو سفر طئي ڪري چڪي آهي، ڪيئن ممڪن هوندو ته هاڻ حڪومتي وفد جي خواهش پوري ڪندي تحريڪ عدم اعتماد واپس ورتي وڃي. سندس  چيو ته منهنجي لاءِ ڏکيو آهي ته تحريڪ عدم اعتماد جو اِهو فيصلو منهنجي ئي صدارت ۾ ٿيو آهي، جڏهن ته هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اڳتي ڏسون ٿا ته ڇا ٿو ٿئي. شبلي فراز جو چوڻ هو ته سينيٽ چيئرمين جي تبديلي تي مولانا فضل الرحمان سان ڳالهيون ٿيون آهن، اسان هتي سينيٽ جي سياسي دٻاءَ کي گهٽ ڪرڻ  جي غرض سان آيا هئاسين. هن وڌيڪ چيو ته اسان سياسي ماڻهو آهيو، پر ڪوشش هئي ته سينيٽ جو وقار متاثر نه ٿئي ڇو ته عدم اعتماد ۽ سينيٽ چيئرمين تي ووٽنگ بي شڪ ٿئي پر دٻاءَ ۾ نه ٿيڻ گهرجي. ان موقعي تي بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال جو چوڻ هو ته اسان بلوچستان جي ڪري ئي مولانا سان ملڻ آيا هئاسين. هن چيو ته اسان اهڙو قدم کڻڻ چاهيون ٿا ته جو حالتون بهتري ڏانهن وڃن ۽ ڪجهه ائين نه ٿئي جو موجوده صورتحال جا ناڪاري اثر مرتب ٿين ڇو ته سينيٽ چيئرمين جي هونئن به ڍيڍ ٻن سالن کان پوءِ ٻيهر چونڊ ٿيڻي آهي. ڄام ڪمال چيو ته تحريڪ عدم اعتماد جمهوري حق آهي پر ان جو سينيٽ ۾ مثال نٿو ملي، پر ان سان ائين نه ٿئي جو عدم اعتماد جو سلسلو هر 3 کان 4 مهينن کان پوءِ ورجايو وڃي. سينيٽ چيئرمين جي خدمتن تي ڳالهائيندي ڄام ڪمال چيو ته صادق سنجراڻي ڏاڍي سٺي انداز ۾  ايوان کي هلايو آهي، ڪجهه اختلافن جي ڪري مستقبل جي سياست متاثر نه ٿئي. هن اميد جو اظهار ڪندي چيو ته مولانا ٻين  مخالف ڌر پارٽين کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال شهباز شريف سان رابطي جي ڪوشش ڪئي پر  نه ٿي سگهيو. ذريعن جو اِهو به چوڻ آهي ته ڄام ڪمال، شهباز شريف کان به تحڙيڪ عدم اعتماد واپس وٺڻ جي درخواست ڪندو.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں