آمريڪا سان لاڳاپا سچائي ۽ ڀروسي تي ٻڌل هوندا، افغان طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين: وزيراعظم

0Shares

واشنگٽن (م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو اهي ته آمريڪا ۾ پاڪستان بابت غلط فهمي هئي واشنگٽن جي دوري کان پوءِ آمريڪا سان لاڳاپا سچائي ۽ ڀروسي تي ٻڌل هوندا افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪستان ۽ آمريڪا جو مقصد گڏيل آهي پاڪستان طالبان کي ڳالهيون شروع ڪرڻ لاءِ ميز تي آڻڻ جي وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪندو گذريل ڏينهن وزيراعظم عمران خان ڪئپيٽل هل پهچڻ تي آمريڪي ڪانگريس ميمبرن پاران شاندار استقبال ڪيو ويو آمريڪي ڪانگريس ميمبر اردو ۾ وزيراعظم عمران خان کي ڀليڪار چيو ۽ سلام ۽ شڪريو ادا ڪيو آمريڪي ڪانگريس جي ميمبرن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته هو آمريڪا کي ٻڌائيندو ته ان جو ملڪ افغان امن عمل ۾ چا ڪري سگهي ٿو وزيراعظم چيو ته پاڪستان طالبان کي ڳالهيون شروع ڪرڻ لاءِ ميز تي آڻڻ جي ڪوشش ڪندو وزيراعظم چيو ته هي سولو نه هوندو پر مان يقين ڏياريان ٿو ته پاڪستان پنهنجي بهترين ڪوشش ڪندو ڇو ته سڄو ملڪ منهنجي پويان بيٺو آهي پاڪ فوج سيڪيورٽي فورسز ۽ سڀ منهنجي پويان آهن اسان سڀني جو هڪ مقصد آهي اهو جيڪو آمريڪا جو مقصد آهي ته افغان مسئلي جو جيترو جلد ممڪن ٿي سگهي پرامن حل ڪڍي اتي امن قائم ڪيو وڇي عمران خان چيو ته هي اهم هو ته هو آمريڪي صدر ڊونلڊ ترمپ ۽ آمريڪي سيڪريٽري آف اسٽيٽ مائڪ پومپيو سان ملي ۽ کيس ٻڌائي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا اڳتي وڌڻ گڏيل اعتماد جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي هن چيو ته مان آمريڪا کي ٻڌايان ته اسان امن عمل ۾ ڇا ڪري سگهون ٿا مون کي اميد آهي ته هاڻي اسان جا لاڳاپا مختلف نوعيت جا هوندا ڇو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ بداعتمادي کي ڏسڻ اسان جي لاءِ تڪليف ڏيندڙ هو عمران خان ڪانگريس ۾ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته آمريڪا جي دوري جو مقصد آمريڪين کي پاڪستان بابت بهتر آگاهي فراهم ڪرڻ هو هن چيو ته بدقسمتي سان 40 سالن کان وڌيڪ خاص طور تي گذريل 15 سالن ۾ دهشتگردي جي خلاف جنگ دوران تمام گهڻيون غلط فهميون پيدا ٿيون هن چيو ته پاڪستان کي خاص طور تي انهن گذريل 15 سالن دوران جڏهن افغانستان ۽ پاڪستان جي سرحدن تي دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي پئي ويئي ان وقت آمرڪا ۾ پاڪستان کي بهتر انداز ۾ نه سمجهيو ويو وزيراعظم چيو ته تنهنڪري مان سمجهان ٿو ته جڏهن مان هتان ويندس ته مان اهڙا ماڻهو ٺاهي چڪو هوندس جيڪي اسان جي موقف کي سمجهي سگهن وزيراعظم چيو ته جڏهن اسان جو ملڪ آمريڪا جي دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي رهيو هو ته ان دوران 70 هزار پاڪستانين قرباني ڏني ۽ پاڪستاني معيشن کي کربين ڊالرن جو نقصان ٿيو پاڪستان جو 11 سيپٽمبر سان ڪوبه تعلق نه هو القاعده افغانستان ۾ هئي ۽ پاڪستان ۾ ڪويئ عسڪريت پسند طالبان نه هو پر اسان آمريڪي جنگ ۾ شامل ٿياسين تنهنڪري جتي مان پنهنجي حڪومت کي ذميوار چوان ٿو اتي مان سمجهان ٿو ته اسان آمريڪا کي زميني حقيقتن بابت سچ نه ٻڌايو هو هن چيو ته ان جو سبب اهو هو ته ملڪ ۾ 40 مختلف عسڪريت پسند ٽولا ڪم ڪري رهيا هئا ۽ حڪومت جو انهن تي ڪنٽرول نه هو تنهنڪري جڏهن آمريڪا اسان کان ڊو مور ۽ جنگ کٽڻ ۾ مدد جي خواهش جو اظهار ڪيو ته ان وقت پاڪستان پنهنجي بقا جي جنگ وڙهي رهيو هو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڪانگريس ميمبرن جا ٿورا مڃيندي چيو ته پاڪستان آمريڪا جا لاڳاپا مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪانگريس جو ڪردار نهايت اهم آهي. ٻئي طرف  آمريڪي ڪانگريس جي نمائندن وزيراعظم عمران خان جي آمريڪا جي دوري جي آجيان واري قرارداد منظور ڪري ورتي وزراعظم عمران خان جي اعزاز ۾ ڪئپيٽل هل ۾ ڪانگريس پاڪستان ڪوڪس آجياڻو ڏنو ويو ان موقعي تي آمريڪي ڪانگريس جي نمائندن وزراعظم عمران خان کي آمريڪا جي دوري جي آجيان واري قرارداد منظور ڪري ورتي قرارداد ۾ پاڪستان جي هر قسم جي حمايت جاري رکڻ ۽ پاڪ آمريڪا دوستي کي هٿي وٺرائڻ جو عزم ورجايو ويو ڪانگريس جي نمائندن هي ٺهراءُ وزيراعظم عمران خان کي پيش ڪيو آجياڻي واري تقرير ۾ مختلف تڪن مان پاڪستان جي ڪانگريس جا نمائنده به شريڪ ٿيا جنهن کان پوءِ واشنگٽن ڊي سي، آمريڪي ڪانگريس جا نمائندا ۽ وزيراعظم عمران خان کي امريڪا جي دوري جي آجيان ڪرڻ جي قرارداد جي ڪاپي وزيراعظم کي پيش ڪئي قرارداد ۾ پاڪستان جي هر قسم جي حمايت جاري رکڻ ۽ پاڪ آمريڪا دوستي کي مضبوط ڪرڻ جو عزم ورجايو ويو. اسپيڪر آمريڪي ايوان نمائندگان نينسي پيلوسي اقليتي ليڊر ڪي وين ميڪ ڪارٿي سينيٽر گري پيٽر سينيٽر شيروڊ، برائونڊ، سينيٽر ڪرس وين هو لين ۽ فارن رليشن ڪميٽي جا ميمبر شريڪ ٿيا ڪئپيٽل هل ۾ شاندار آجيان ڪرڻ تي ڪانگريس پاڪستان ڪوڪس جو ٿورائتو آهيان ڪانگريس جي نمائنده شيلا جيڪسن وزراعظم عمران خان جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته وزراعظم عمران خان جي آمريڪا جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جو نئون دور شروع ٿيندو هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي آمريڪا جي دوري سان ٻنهي ملڪن جو عوام ۽ حڪومتن لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ جي نمائنده وفدن جي هڪٻئي ملڪ جي دورن کي هٿي وڏني وڃي.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں