نيب پاران شريف خاندان جو گهيرو تنگ، مريم، حسن ۽ حسين نواز 31 جولاءِ تي طلب

0Shares

لاهور (بيورو) نيب چوڌري شگر ملز ڪيس ۾ مريم نواز کي 31 جولائي تي طلب ڪري ورتو. ذريعن موجب نيب نواز شريف جي پٽن حسن نواز ۽ حسين نواز کي به طلبي جو نوٽيس جاري ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف جي ڀاءَ عباس شريف جي پٽ عبدالعزيز کي به ساڳي ئي ڪيس ۾ طلب ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب طلب ڪيل سمورا ماڻهو چوڌري شگر ملز ۾ شيئر هولڊر آهن. ٻئي طرف ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته جج ارشد ملڪ جي ويڊيو سامهون اچڻ کانپوءِ ان کي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ ڪيس جو ري ٽرائل ڪرڻ بدران نواز شريف کي باعزت بري ڪيو وڃي. لاهور ۾ پارٽي اڳواڻن جاويد هاشمي، پرويز رشيد ۽ عظميٰ بخاري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم نواز چيو ته جڏهن ويڊيو ثبوت کانپوءِ احتساب عدالت جي جج کي هٽايو ويو آهي ته ان جو فيصلو ڪيئن برقرار آهي؟ ان کي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، ان کان پڇيو وڃي ته ڪنهن بليڪ ميل ڪيو، مون وٽ وڌيڪ ثبوت موجود آهن ۽ اهڙا نالا آهن جيڪي سامهون اچڻ تي ڪهرام مچي ويندو پر منهنجو مقصد ڪهرام مچائڻ نه بي ڏوهه پيءُ کي آزاد ڪرائڻ آهي. سندس چوڻ هو ته احتساب عدالت جي جج جيڪو حلفي بيان جمع ڪرايو آهي ان کان پڇي سگهجي ٿو ته جڏهن کيس بليڪ ميل يا رشوت ڏيڻ جي، بقول هن جي ڪوشش ڪئي وئي ته هن ٻڌڻي دوران ڇو نه ٻڌايو؟ اهي سوال ڇو غير اهم سمجهيا پيا وڃن ته ان جي 2003 جي ويڊيو ڪنهن ٺاهي، ڪنهن ان کي نواز شريف خلاف فيصلو ڏيڻ تي مجبور ڪيو؟. هن چيو ته مون کي خبر هئي ويڊيو رليز ڪرڻ کانپوءِ ايڪشن ٿيندو ۽ اهو ئي ٿيو، ٻيهر عدالت طلب ڪيو ويو آهي، اتي ضرور پيش ٿينديس اهو ڏسڻ لاءِ ته هاڻ انهن جي يادداشت ڇو واپس آئي آهي. مريم نواز اعليٰ عدليا کي درخواست ڪندي چيو ته ويڊيو جي صورت ۾ ثبوت سامهون رکي ڇڏيو آهي، هاڻ توهان بي ڏوهه کي انصاف ڏيو. ن ليگ اڳواڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته حڪمران ڊنل آهن، ان لاءِ ئي گرفتاريون ڪيون پيون وڃن، ميڊيا تي سينسر شپ ڪري اسان جو آواز دٻايو پيو وڃي، فيصل آباد ۽ منڊي بهاوالدين جي جلسن انهن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، آمريڪا ۾ به عمران خان جي ذهن تي نواز شريف سوار هو. هن پيءُ جي صحت جي حوالي سان ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته حڪومتي بورڊ جي ڊاڪٽرن جي هدايت باوجود نواز شريف کي اسپتال ۾ داخل نه پيو ڪرايو وڃي، جيتوڻيڪ واضح لفظن ۾ چيو ويو آهي ته کيس صحت بابت ڪيترائي مسئلا آهن، ڪمري جو ٽيمپريچر برقرار رهڻ ضروري آهي پر وزيراعظم چئي ٿو ته اي سي ڪڍرائي ڇڏيندس، نواز شريف کي گهر جو کاڌو فراهم نه پيو ڪيو وڃي، مان قوم سامهون رڳو اهو سوال رکڻ چاهيان ٿي ته 3 ڀيرا وزيراعظم رهندڙ اهڙي ورتاءَ جو حقدار آهي؟ ڇا ان جو آئيني ۽ قانوني حق ناهي ته ان کي سندس طبعيت بابت ٻڌايو وڃي. سندس چوڻ هو ته مان اهي سمورا معاملا عدالت کڻي وينديس، انٽرنيشنل آرگنائيزيشن تائين به ڳالهه پهچائڻ جي ڪوشش ڪنديس، ڇو ته ترديد نه ڪرڻ جوڳا ثبوت آڻڻ تي به انصاف نه پيو ملي، تنهن ڪري مان انصاف لاءِ هر در کڙڪائينديس.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں