ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مريم نواز جي پريس ڪانفرنس سينسر ڪئي وئي، جنهن جي مذمت ڪيون ٿا، اها صحافت جي آزادي جي خلاف آهي.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مريم نواز پيءُ نواز شريف جي صحت بابت ڳالهايو، نواز شريف سميت ڀلي ڪهڙو به قيدي هجي ان کي صحت جون سموريون سهولتون ڏنيون وڃن، اهو انساني حقن جي زمري ۾ اچي ٿو ۽ رياست جي ذميواري آهي، جيڪڏهن ائين نٿو ٿئي ته عدالت کي ايڪشن وٺڻ گهرجي، اڳ انسان ٿيو پوءِ حڪمران بڻجو. سندس چوڻ هو ته عمران خان کي افغانستان بابت وڌيڪ واعدا نه ڪرڻ گهرجن ها، ڇو ته آمريڪا جڏهن ڏکيائين ۾ هوندو آهي ته پاڪستان تي دٻاءَ وجهندو آهي، عالمي سطح تي رابطن تي حڪومت جي حمايت ڪيون ٿا پر سٺو ٿئي ها ته وزيراعظم وڃڻ کان اڳ مخالف ڌر سان به ملاقات ڪري ها، هو ملڪ جي مخالفن بدران اپوزيشن کي ئي نشانو بڻائي رهيو آهي. هن چيو ته اسان جو وزيراعظم ڪوڙو آهي، ملڪ کان ٻاهر وڃي به ڪوڙ ڳالهائڻ کان نٿو مڙي، عمران خان ملڪ جو وزيراعظم بڻجي آمريڪا وڃي ها ته سٺو هو. پ پ چيئرمين دعويٰ ڪئي ته حڪومتي نمائندا اسان جي سينيٽرن سان رابطي ۾ آهن ۽ کين رقم جي آڇ ڪئي پئي وڃي ته پئسا وٺو ۽ ووٽ ڏنو پر ان باوجود نئون سينيٽ چيئرمين حاصل بزنجو ئي هوندو. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته 25 جولاءِ تي انساني حقن جا بکيا اڊيڙيا ويا، تنهن ڪري مخالف ڌر جماعتون سڀاڻي سڄي ملڪ ۾ ڪارو ڏينهن ملهائينديون ۽ چئني صوبن ۾ احتجاجي جلسا ۽ ريليون ڪڍيون وينديون. هن چيو ته سڀاڻي کان نعرو هوندو نامنظور- نامنظور احتجاجي تحريڪ شروع ٿيندي ٻئي طرف پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گهوٽڪي جي ننڍي اليڪشن جي ڪاميابي تي سردار محمد بخش خان مهر کي مبارڪ ڏيندي چيو آهي ته مان گهوٽڪي جي عوام جو ٿورائتو آهيان جنهن اسان سان گڏجي سليڪٽڊ وزيراعظم کي پيغام ڏنو آهي ته نئون پاڪستان نه کپي گهوٽڪي اليڪشن ۾ عوام دشمن بجيٽ، نئون پاڪستان ۽ تبديلي وارن جي هار ٿي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ عوام دشمن بجيٽ، نئون پاڪستان ۽ تبديلي وارن کي هارايو آهي هاڻي اسان کي اسان جي عوام جي معاشي ۽ جمهوري حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻي آهي هن ان موقعي تي گهوٽڪي جي عوام جا ٿورا مڃيندي چيو ته گهوٽڪي وارن سليڪٽڊ وزيراعظم کي اهو واضح پيغام ڏنو آهي ته نه کپي نئون پاڪستان نه کپي بلاول ڀٽو زرداري چيوت ه سردار محمد بخش خان مهر ڪٺپتلين آڏو ڪنڌ نه جهڪائيندو هن چيو ته عام چونڊن ۾ کٽيل سيٽ ڪنهن ٻئي کي ڏني ويئي عوام اليڪشن ڪرائي ٻيهر پاڪستان پيپلزپارٽي کي کٽرايو آهي پ پ پ چيئرمين چيو ته گهوٽڪي ڀٽو جو آهي خانڳڙهه ڀٽو جو آهي آءِ ايم ايف بجيٽ وارن لاءِ اين اي 205 جي شڪست پهرين شڪست آهي.03
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟