ڊي آءِ خان (م ڊ) دهشتگردن جي پوليس تي فائرنگ ۽ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 6 اهلڪارن سميت 10 ڄڻا شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 36 زخمي ٿي پيا. ميڊيا رپورٽن موجب ڊيرا اسماعيل خان جي ڊيرا ڪوٽلا سيدان پوليس چيڪ پوسٽ تي موٽر سائيڪل سوار دهشتگرد فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا. فائرنگ جي نتيجي ۾ جهانگير ۽ انعام سميت 3 اهلڪار شهيد ٿي ويا.فائرنگ کانپوءِ شهيد پوليس اهلڪارن جا مڙهه ڊسٽرڪٽ اسپتال آندا ويا جتي اسپتال جي ٽراما سينٽر جي گيٽ تي ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ وڌيڪ 7 اهلڪار شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. زخمين جو وڏو انگ هئڻ سبب ڪيترن کي ڪمبائن ملٽري اسپتال منتقل ڪيو ويو. واقعي کانپوءِ اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي. جڏهن ته پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن جو وڏو انگ علائقي ۾ مقرر ڪيو ويو. بم ڊسپوزل اسڪواڊ عملي وڌيڪ ڌماڪيدار مواد جي موجودگي جي خطري کي نظر ۾ رکندي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو. پوليس جي شروعاتي رپورٽ موجب ٽراما سينٽر جي دروازي تي ٿيندڙ ڌماڪو آپگهاتي ٿي سگهي ٿو. ٻئي پاسي ذريعن اکين ڏٺن شاهدن جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته ڌماڪو آپگهاتي هو ۽ حملو ڪندڙ ڇوڪري هئي ۽ سندس عمر اٽڪل 15 ورهيه هئي. ٻئي طرف پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڊيرا اسماعيل خان ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙيون بزدلاڻيون ڪارروايون اسان جا حوصلا ڪمزور نٿيو ڪري سگهن. ڊي آءِ خان ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته امن امان کي تباهه ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي. اهڙيون بزدلاڻيون ڪارروايون اسان جو حوصلا ڪمزور نٿيون ڪري سگهن، اسپتالن کي دهشتگردي جو نشانو بڻائيندڙ انسانيت جا بدترين دشمن آهن. هن چيو ته پنهنجا فرض ادا ڪندي شهادت جو جام پئيندڙ پوليس اهلڪارن تي پوري قوم کي فخر آهي. بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال ڊيرا اسماعيل خان ۾ دهشتگردي واري واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي ادارا امن جي بحالي، ملڪ ۽ قوم جي حفاظت لاءِ جان جا نذرانا پيش ڪري رهيا آهن. پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ قمر زمان ڪائرا ڌماڪي جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته بزدل دهشتگردن هڪ ڀيرو وري ڊيرا اسماعيل خان کي نشانو بڻايو . پ پ اڳواڻ چوڌري منظور به واقعي جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته فائرنگ ۽ بم ڌماڪا پاڪستانين جا حصولا ڪمزور نٿا ڪري سگهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ وزيراعظم عمران خان ڊيرا اسماعيل خان ۾ دهشتگرد حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.ايوان صدر طرفان جاري ٿيل بيان موجب صدر عارف علوي ڊيرا اسماعيل خان ۾ دهشتگردي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي گهري ڏُک جو اظهار ڪيو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا پڻ ڪئي. هوڏانهن آمريڪا ۾ موجود وزيراعظم عمران خان به ڊيرا اسماعيل خان ۾ دهشتگرد واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي زخمين کي بهتر طبي امداد فراهم ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون. ٻئي طرف پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڊيرا اسماعيل خان ۾ چيڪ پوسٽ تي فائرنگ ۽ اسپتال ۾ ٿيل آپگھاتي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آھي. پنھنجي بيان ۾ پي پي پي چيئرمين ڊيرا اسماعيل خان ۾ دھشتگرد حملن دوارن پوليس اھلڪارن سميت بيگناھ شھرين جي شھادتن تي افسوس ۽ شھيدن جي پونئيرن سان ھمدردي توڙي ايڪي جو اظھار ڪيو. ھن زور ڏنو تھ دھشتگرد حملن ۾ زخمي ٿيلن جي لاءِ بھتر علاج کي يقيني بڻايو وڃي. بلاول ڀٽو زرداري چيو تھ سڄي قوم دھشتگردي ۽ انتھاپسندي خلاف متحد ۽ سينو تاڻي بيٺل آھي. ھن وڌيڪ چيو تھ دھشتگردي درندگي جي انتھا آھي، جنھن کي لوھي ھٿن سان دفن ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو بھ علاج ناھي.03
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟