پاڪستان جي اندروني سلامتي صورتحال پهريان کان ڪافي بهتر آهي: ترجمان پاڪ فوج

0Shares

واشنگٽن (م ڊ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور جو چوڻ آهي ته عوام ۽ سيڪيورٽي ادارن جون ڪوششون ۽ قربانيون رنگ لائي رهيون آهن ۽ پاڪستان جي داخلي سلامتي صورتحال پهريان کان تمام بهتر آهي.واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور ملڪ جي سيڪيورٽي صورتحال بابت آگاهي ڏني ۽ فيبروري جي پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ بابت به ميڊيا نمائندن کي آگاهه ڪيو، هن چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني ميڊيا جو پاڪستان جي مثبت اميج کي اجاڳر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار آهي.ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستاني فوج پاڪستاني سرحدن جو بهادري سان ڀرپور دفاع ڪيو ۽ پاڪستاني عوام ۽ سيڪيورٽي ادارن جون ڪوششون ۽ قربانيون رنگ لائي رهيون آهن، پاڪستان جي داخلي سلامتي صورتحال پهريان کان گهڻي بهتر آهي جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز جي بنيادي توجهه هاڻ بلوچستان طرف آهي، بلوچستان ۾ حڪومتي ترقياتي منصوبا فوج جي مدد سان جاري آهن. ميجر جنرل آصف غفور جو چوڻ هو ته پاڪ افغان سرحد تي واڙ  لڳائڻ سان سرحدي ڪنٽرول ۾ بهتري اچي رهي آهي، سرحدي واڙ لڳڻ سان دهشتگردن جي ڏکيائين ۾ واڌ، دهشتگردي جي واقعن ۾ گهٽتائي ٿيندي جڏهن ته دهشتگردي کان متاثر علائقن ۾ سول انتظاميه سان گڏجي تعمير ۽ ترقي ۽ بحالي جو ڪم جاري آهي.هڪ سوال جي جواب ۾ پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته آرمي چيف وزيراعظم سان گڏجي وائٽ هائوس ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ شرڪت ڪندو ۽ آرمي چيف پينٽاگون جو دورو ۽ آمريڪي ملٽري قيادت سان به ملاقاتون ڪندو.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں