وزيراعظم عمران خان آمريڪا پهچي ويو، اڄ ٽرمپ سان ملاقات ٿيندي، بريڪ ٿرو جو امڪان

0Shares

واشنگٽن (م ڊ) وزيراعظم عمران خان 3 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آمريڪا پهچي ويو  جتي ان جو آمريڪي پرڏيهي وزارت جي سينئر اختيارين پرجوش استقبال ڪيو.وزيراعظم عمران خان سيڪيورٽي قافلي سان گڏ واشنگٽن ۾ پاڪستان جي سفير جي رهائشگاهه پاڪستان هائوس پهتو. پاڪستان هائوس پهچڻ تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن عمران خان جو پرجوش استقبال ڪيو ويو.ان موقعي تي وزيراعظم سان گڏ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ عبدالرزاق دائود به موجود هو. جنهن کان پوءِ عمران خان سان ٽيڪساس سان تعلق رکندڙ واپاري طاهر جاويد سان ملاقات ٿي جنهن ۾ واپارين پاڪستان ۾ سيڪيورٽي صورتحال جي بهتري جي تعريف ڪئي وئي.ٽرمپ انتظاميه عمران خان جي آمريڪا واري دوري کي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي بهتر بنائڻ جو موقعو قرار ڏنو ويو آهي. ٽرمپ انتظاميه چيو ته عمران خان جو دورو تعاون ۽ پائيدار ڀائيواري کي مضبوط بنائڻ جو هڪ موقعو آهي. آمريڪا پاڪستان کي اهو پيغام پهچائڻ چاهي ٿو ته لاڳاپن جي بهتري جي لاءِ دروازا کليل آهن. ميڊيا رپورٽ موجب هڪ آمريڪي عهديدار ٻڌايو ته وائيٽ هائوس پاران پاڪستاني وزيراعظم کي دعوت جو مقصد واشنگٽن جي آمريڪا پاڪستان جي لاڳاپن جي بحالي تي رضامندي جو اظهار آهي ۽ جيڪڏهن پاڪستان دهشتگردي خلاف تعاون جاري رکي ٿو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ پارٽنرشپ جي نئين سرجوڙجڪ ٿي سگهي ٿي. ٻئي طرف  وزيراعظم عمران خان آمريڪي واپارين سان ملاقات ڪري کين پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي آڇ ڪئي. وزيراعظم عمران خان سان ٽيڪساس سان تعلق رکندڙ پاڪستان ڄائي واپاري ۽ ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي جي ميمبر طاهر جاويد ملاقات ڪئي جڏهن ته آمريڪي بزنس مين جاويد انور به وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي. ٻئي طرف سيڙپڪارن به پاڪستان ۾ سلامتي جي بهتر صورتحال جي واکاڻ ڪئي ۽ توانائي توڙي سياحت سميت سيڙپڪاري جي دلچسپي جي ٻين اهم شعبن جي نشاندهي به ڪئي. هوڏانهن وزيراعظم عمران خان ۽ آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وچ ۾ ملاقات اڄ 22 جولاءِ سومر تي ٿيندي شيڊول موجب اڄ 22 جولاءِ تي وزيراعظم عمران خان وائيٽ هائوس پهچندو جتي ڊونلڊ ٽرمپ آجيان ڪندو ۽ کيس دورو ڪرائيندو ان موقعي تي هڪ ٻئي کي تحفا ڏيڻ کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات ٿيندي عمران خان يو ايس پاڪستاني بزنس ڪائونسل سان ملاقات به ڪندو ۽ آمريڪا جي ميڊيا کي انٽرويو به ڏيندو وزيراعظم عمران خان جي 23 جولاءِ تي مائيڪ پومپيو سان ملاقات ٿيندي جنهن کانپوءِ وزيراعظم آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ انسٽيٽوٽ آف پيس ۽ ڪيپيٽل هل ۾ پاڪستانين کي خطاب ڪندو ۽ پوءِ آمريڪي صحافين سان ملاقات ڪندو 23 جولاءِ تي عمران خان ايوان جي نمائندن جي اسپيڪر ٽينسي پلوسي سان به ملاقات ڪندو جنهن سان گڏ ان جو آمريڪا جو دورو مڪمل ٿي ويندو.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں