گهوٽڪي پ پ جو ڳڙهه آهي، تحريڪ انصاف وارا ڪوڙا الزام مڙهي رهيا آهن: وڏو وزير

0Shares

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي جي مختلف علائقن جو اوچتو دورو ڪيو، ڪورنگي اڍائي نمبر تي موٽر سائيڪل حادثو ڏسي وڏو وزير گاڏي تان لهي متاثر خاندان وٽ پهتو ۽ ٽيڪسي ڪرائي زخمي خاندان کي اسپتال پهچايو. رپورٽن موجب وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي جي مختلف علائقن جو اوچتو دورو ڪيو،  مراد علي شاهه شهر ۾ صفائي سٿرائي جي انتظامن جو جائزو ورتو، وڏو وزير ٽيم سان  ڪورنگي اڍائي نمبر  تان گذري رهيو هو ته اتي موٽر سائيڪل سوار فيملي کي حادثو پيش آيو.  ڪورنگي اڍائي نمبر تي موٽر سائيڪل حادثي ۾ زال مڙس ۽ ٻارڙو زخمي ٿي پيا، حادثو ڏسي وڏي وزير گاڏي تان لهي اچي ٽيڪسي ڪرائي زخمي خاندان کي اسپتال اُماڻيو ۽ ٽيڪسي جو ڀاڙو پاڻ ادا ڪيو. وڏي وزير چيو آهي ته گهوٽڪي پيپلز پارٽي جو ڳڙهه آهي، چونڊن ۾ اسان جي ڪاميابي ڏسي پي ٽي آءِ وارا ڪوڙا الزام مڙهي رهيا آهن. سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه آچر تي موڪل واري ڏينهن به متحرڪ نظر آيو. وڏي وزير صبح جي وقت چڙيا گهر پهتو، جنهن دوران صوبائي وزير سعيد غني، صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا. وڏي وزير چڙيا گهر جي مختلف حصن جو معائنو ڪيو، جڏهن ته جانورن جون تصويرون به ڪڍيون. دوري دوران چڙي گهر جي اختيارين وڏي وزير کي سهولتن جي حوالي سان آگاهي به ڏني. هن راڻي باغ ۾ ٻارڙن سان ڪچهري پڻ ڪئي.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں