دي هيگ (م ڊ) ڪلڀوشن ياديو ڪيس ۾ عالمي عدالت انصاف جي فيصلي ۾ پاڪستان کي فتح حاصل ٿي آهي.ڀارتي جاسوس ۽ دهشتگردي ڪلڀوشن ياديو جي آزادي واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. اهو پاڪستان جي تحويل ۾ رهندو. ڀارت پنهنجي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جي آزادي جي لاءِ عالمي عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي هئي. پاڪستان جي طرفان ان اهم ڪيس جي پيروي خاور قريشي ڪئي. عالمي عدالت ڪيس تي فيصلو 21 فيبروري 2019ع تي محفوظ ڪيو هو. عالمي عدالت جي پندرنهن رڪني بينچ جي سربراهه جج عبدالقوي احمد يوسف ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جي ڪيس جو فيصلو ٻڌايو. ان جو چوڻ هو ته ڪيس جي تفصلي شقن جي طرف نٿا وڃڻ چاهيون. پاڪستان ۽ ڀارت ويانا ڪنوينشن جا ميمبر آهن. ڀارت ويانا ڪنوينشن جي تحت ڪلڀوشن ياديو تائين ڪائونسلر پهچ گهري هئي. جڏهن ته پاڪستان ڀارتي موقف تي پنهنجا ٽي اعتراض پيش ڪيا. عالمي عدالت انصاف جي جج عبدالقوي احمد يوسف فيصلي ۾ چيو ته پاڪستان جو موقف آهي ته ڪلڀوشن ياديو ملڪ ۾ جاسوسي ۽ دهشتگردي ڪئي. جڏهن ته جعلي نالي تي پاسپورٽ جي ذريعي پاڪستان ۾ داخل ٿيندو رهيو. پاڪستان جو موقف هو ته ڀارت ڪلڀوشن ياديو جي شهريت جو ثبوت ڏيڻ ۾ ناڪام ويو آهي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڪلڀوشن ياديو هڪ ڀارتي شهري آهي، پاڪستان ۽ ڀارت ڪلڀوشن ياديو کي هندستاني شهري تسليم ڪيو هو. پاڪستان جو موقف آهي ته جاسوس ۽ دهشتگرد کي ڪائونسلر تائين پهچ نٿي ڏئي سگهجي. ان ڪيس ۾ ويانا ڪنوينشن جو اطلاق نٿو ٿئي. عالمي عدالت انصاف ڪلڀوشن ياديو جي سزا ختم ڪري آزادي واري ڀارتي درخواست رد ڪندي چيو ته ان تي پاڪستان ۾ ڪيس هلڻ ويانا ڪنوينشن جي خلاف ورزي ناهي. عدالت گرفتاري جي بروقت اطلاع نه ڏيڻ وارو ڀارتي الزام هڪدم رد ڪندي چيو ته پاڪستان ڪلڀوشن ياديو کي گرفتار ڪرڻ بعد ان جي بروقت اطلاع ڀارتي اختيارين کي ڏني. دير سان آگاهه ڪرڻ وارو ڀارتي الزام غلط آهي. 25 مارچ 2016ع تي پاڪستان پاران ڀارتي هاءِ ڪميشن کي طلب ڪري احتجاج ڪيو ويو. جنهن کي ويانا ڪنوينشن جي تحت معطل ڪرڻ مڃي سگهجي ٿو. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت ٻين عالمي قانون جي مبينا خلاف ورزي ضرور ڪئي. جڏهن ته پوءِ به پاڪستان کي چئون ٿا ته ڀارت کي ڪلڀوشن ياديو تائين ڪائونسلر پهچي ڏئي. ڪلڀوشن کي سزاءِ موت نه ڏيڻ، آزادي ۽ ڀارت جي حوالي ڪرڻ واري درخواست رد ڪئي وڃي ٿي.03
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟