عالمي عدالت ۾ پاڪستان جو موقف سچ ثابت ٿيو، ڪلڀوشن ڀارت جو حاضر سرورس نيوي آفيسر آهي: ترجمان پاڪ فوج

0Shares

راولپنڊي(م ڊ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفورعالمي عدالت انصاف جي طرفان ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو کي آزاد نه ڪرڻ واري فيصلي کي پاڪستان جي فتح قرار ڏنو آهي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري (آءِ ايس پي آر) جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل آصف غفور جي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته فوجي عدالت مان ڪلڀوشن جي سزا غير قانوني قرار ڏيڻ جي ڀارتي درخواست رد ٿي. عالمي عدالت پاڪستان جي موقف کي درست تسليم ڪيو. پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور چيو ته ڪلڀوشن ياديو ڀارت جو حاضر سروس نيوي آفيسر آهي. جنهن تي پاڪستان جو موقف اڄ صحيح ثابت ٿيو. اسان وٽ مضبوط شاهديون هيون، اسان کي اميد هئي ته عالمي عدالت مان سٺو فيصلو ايندو. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته الله سائين پاڪستان، ان جي عوام ۽ عدليا کي سرخرو ڪيو. پاڪستان وٽ ثبوت هئا، جيڪي قانوني ٽيم عالمي عدالت ۾ پيش ڪيا، جڏهن ته پرڏيهي وزارت به معاملي تي تمام سٺو ڪم ڪيو.  ڀارت جو موقف هو ته ڪلڀوشن کي آزاد ڪيو وڃي پر عالمي عدالت ڀارتي اپيل کي رد ڪري ڇڏيو. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته اسان ڪلڀوشن ياديو کي ڪائونسلر پهچ نه هئڻ جي باوجود انساني همدردي جي بنياد تي هڪ جاسوس کي ان جي خاندان سان ملاقات ڪرائي. ان ڪيس ۾ قانون موجب عمل ڪنداسين.ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته هي ڀارت جي لاءِ هڪ ٻيو 27 فيبروري آهي. اڄ پوري دنيا جي سامهون ڀارت جو ڪوڙ بي نقاب ٿي ويو. ڀارت پهرين به ايف 16 جهاز ڪيرائڻ جي ڪوڙي دعويٰ ڪئي هئي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں