پ پ خلاف ٺهندڙ اتحاد اليڪشن ۾ ڍير ٿي ويندا، ڪالاباغ ڊيم رد ڪيل رٿا آهي : بلاول ڀٽو

0Shares

ڪراڇي(نمائندن وٽان) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نوابشاهه کان سڪرنڊ ۾ هڪ وڏي جلوس جي صورت ۾ ميڊيا سينٽر سڪرنڊ چوڪ تي پهتو. عوام پاران سندس شاندار آجيان ڪري گلن جي ورکا. اڀ ڏياريندڙ نعره. ماڻهن جو سمنڊ اٿلي پيو. ان موقعي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته سڪرنڊ واسين جمهوريت لاءِ بيشمار قربانيون ڏينون آهن، اڄ جيڪڏهن جمهوريت قائم آهي ته ان ۾ سڪرنڊ واسين جو خون شامل آهي. ايم آر ڊي تحريڪ دوران سڀ کان وڌيڪ شهادتون سڪرنڊ واسين ڏنيون آهن. هن چيو ته اڄ ڀٽو زنده آهي ته ان ۾ سڪرنڊ وارن جو رت شامل آهي. اسان جو سڪرنڊ وارن سان سياسي نه پر رت جو رشتو آهي. پ پ حڪومت نوابشاهه ۾ چار يونيورسٽيون ڏنيون آهن. سڪرنڊ جي اميدوارن کي عوام ڀرپور ووٽ ڪري ڪامياب ڪري جيڪڏهن چونڊيل نمائندا ڪم نه ڪندا ته آئون پاڻ ڪم ڪندس پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري زرداري هائوس نوابشاھ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته جيڪي پاڪستان پيپلز پارٽي خلاف غلط پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن اهي سياسي يتيم آهن ۽ اهي ڪٽپتلي اتحاد وارا ڪنهن چور دروازي کان اقتدار ۾ اچڻ جا سانڀاها ڪري رهيا آهن پر عوام جمهوري حڪومت چاهي ٿو انهي جي ڪري عوام تي ڇڏيو وڃي ته هو 25 جولائي تي ڪنهن جي حق ۾ فيصلو ڪري ٿو پ پ پ جي هڪ تاريخ رهي آهي هن جمهوريت جي لاء قربانيون ڏنيون آهن ۽ عوام جي طاقت تي يقين رکيو آهي انهي جي ڪري مان ڪٽپتلي جي ڊي اي الائنيس وارن کي چوڻ ٿو چاهيان ته اهي به عوام تي اعتماد ڪن ۽ عوام کي پنهنجو فيصلو ڪرڻ ڏين هن چيو ته ڪٽپتلي اتحاد وارن وٽ ڪو به نظريو ۽ منشور ناهي انهي جي ڪري اهي چونڊون وقت تي نه ٿيڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن پر اسان چونڊون وقت تي چاهيون ٿا ۽ سڀني پارٽين کي گهرجي اهي چونڊن ۾ حصو وٺن هن چيو ته ملڪ ۾ پاڻي جي صورتحال انتهائي خراب آهي ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ هجڻ جي ڪري اسان جون زمينون غير آباد ٿي رهيون آهن ۽ پ پ پ پاڻي جي کوٽ کي ڏسندي 18 سو ڪلو ميٽر مختلف ڪيئنالن شاخن ۽ واٽر ڪورسن کي پڪو ڪيو آهي ته جيئن پاڻي بچائي سگهجي جڏهن ته سڄي سنڌ ۾ 2 هزار آر او پلانٽ لڳايا ويا آهن جيڪي کاري پاڻي کي مٺو پاڻي ڪري عوام کي فرآهم ڪيو وڃي ٿو هن چيو ته ايشياء جو وڏي مان وڏو فلٽر پلانٽ پڻ نوابشاھ ۾ لڳايو ويو آهي هن چيو ته ٻين صوبن پنجاب ۽ ڪي پي ڪي پاڻي کي بچائڻ لاء ڪي به اپاءُ نه ورتا آهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي پارٽيون آهن پر نظريو رڳو پ پ وٽ آهي، پ پ جو منشور کڻي عوام وٽ پهتو آهيان، 2 جولاءِ تي پيپلز پارٽي کي ڪامياب ڪرائڻو آهي. موري ۾ چونڊ مهم جي حوالي سان نڪتل ريلي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هتان جي عوام جمهوريت لاءِ قربانيون ڏنيون آهن، اميد آهي ته موري جو عوام منهنجو ساٿ ڏيندو، پ پ جو منشور عوام ۽ هاري دوست آهي، بُک ختم ڪيو پروگرام تحت غريب عوام جي خدمت ڪنداسين، هارين کي هاري ڪارڊ ۽ قرض ڏينداسين. هن چيو عوام اسان کي اڪثريت ڏيندو ته انهن جا مسئلا حل ڪنداسين، پاڪستان پيپلز پارٽي جي چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري مختلف شهرن کان ٿيندي دولتپورصفن پهتو، جتي سندس استقبال گلن ۽ شرنائين سان ڪيو ويو، ان موقعي تي پ.پ تعلقہ قاضي احمد جي جنرل سيڪريٽري علي رضاء ڏاهري جي پيٽرول پمپس بائي پاس تي خطاب ڪندي پ.پ.پ جي چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري هزارين ڪارڪنن کي چيوتہ ضلعي شهيد بينظيرآباد منهنجو ضلعو آهي ۽ پهريون دفعو آيو آهيان ۽ پنهنجي شهيد بينظير ڀٽو جي پٽ کي ڪامياب ڪجو، هُن وڌيڪ چيوتہ مخالف اسان جا جلسا ڏسي ڀوکلائجي ويا آهن ۽ اسان جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري اسان کي ڪو پيغام ڏيڻ ٿا چاهين پر اسان کين ٻڌائڻ ٿا چاهيون تہ اسان جيلن ۽ سختين کان ڊڄڻ وارا ناهيون، پي پي جي چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري سانگهڙ ۾ اليڪشن مهم سلسلي ۾ سانگهڙ پهتو سانگهڙ عوام شاندار استقبال ڪيو نيشنل بينڪ ڇوڪ سانگهڙ ۾ بلاول ڀٽو خطاب ڪندي چيو ته سانگهڙ پي پي جو قلعو بڻجي چڪو آهي پي پي جو سانگهڙ سان پراڻو واسطو آهي منهنجو نانو شهيد ذولفقارعلي ڀٽو اڳ جڏهن سانگهڙ ۾ آيو هو ته هتي جي غنڊن ان تي حملو ڪيو پر سندس سانگهڙ جي جيالن سر ڏيڻ لاءِ اڳيان اچي ويا اسان سانگهڙ لاءِ وڏا ترقياتي ڪم ڪرايا آهن

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں