اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماضي ۾ جئين ملڪ کي هلايو پئي ويو هاڻ ائين نٿو هلي سگهي، منهنجو جيئڻ مرڻ پاڪستان ۾ آهي، پاڪستان کي عظيم ملڪ بڻائينداسين، ماڻهن کي ايف بي آر تي اعتماد ناهي، اداري ۾ سڌارا ڪري رهيا آهيون، سڀني کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻينداسين، دٻاءُ وجهندڙ کي چوان ٿو ته پوئتي هٽيس ته قوم سان غداري هوندي، اربع تي گجرانوالا چيمبر آف ڪامرس جي اسلام آباد ۾ انعام ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته مان هر هر مديني جي رياست جي ڳالهه ڪريان ٿو، مديني جي رياست ۾ طاقتور ۽ ڪمزور لاءِ هڪ ئي قانون هوندو آهي، طاقتور ۽ ڪمزور لاءِ ڌار ڌار قانون هجي ته رياست تباهي ٿي ويندي آهي جن معاشرن ترقي ڪئي اتي سڀني لاءِ هڪ ئي قانون آهي، عدل ۽ انصاف مديني جي رياست جا اصول هئا، عمران خان چيو ته منهنجو ملڪ کان ٻاهر نه ڪاروبار آهي ۽ نه ئي وري ڪا ملڪيت آهي، منهنجو جيئڻ مرڻ پاڪستان ۾ آهي، مني لانڊرنگ ڪندڙن جا مقصد ۽ مفاد ڪجهه ٻيا آهن جن تي ڪيس آهن انهن سڀني جا مٽ مائٽ ٻاهر ڀڳل آهن، سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ جيڪو ننڍي چوري ڪري ٿو سڀني کي خبر آهي ان سان جيل ۾ ڪهڙو ورتاءُ ٿئي ٿو، گذريل سال جيترو ٽيڪس ادا ڪيو ان جو اڌ قرض لاهڻ ۾ هليو ويو، هن چيو ته ايف بي آر ۾ 7 سئو ارب رپين جي چوري ٿي هئي تنهنڪري ايف بي آر ۾ سڌارن تي ڪم ڪري رهيا آهيون، وزيراعظم چيو ته سڃاڻپ ڪارڊ جي شرط جي مخالفت اهي واپاري ڪري رهيا آهن جيڪي اسملنگ جو سامان وڪرو ڪن ٿا، هن چيو ته 22 ڪروڙ ماڻهن مان رڳو 15 لک ٽيڪس ڏين ٿا، شبر زيدي ٻڌايو ته پاڪستان جو 70 سيڪڙو ٽيڪس 3 سئو ڪمپنيون ڏئي رهيون آهن، ايندڙ سال لاءِ پوري طاقت سان 5500 ارب روينيو گڏ ڪنداسين، ٽيڪس نظام ٺيڪ هجي ته قرض به لاهينداسين ۽ ترقياتي ڪم به ٿيندا، وزيراعظم شوڪت ترين جو حوالو ڏيندي چيو ته ايف بي آر ۾ 7 سئو ارب رپين جي چوري ٿي آهي تنهنڪري اسان جو پهريون ڪم ايف بي آر کي ٺيڪ ڪرڻ آهي، عمران خان چيو ته اسان جو ڪم آهي ته صنعت جي ترقي ۾ ڪاروباري دوستن جي مدد ڪريون ۽ کين سهولتون ڏيون ته جئين ملڪ جو هر هڪ طبقو ترقي ڪري سگهي، وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت جيڪو ڪجهه ڪري رهي آهي اهو عوام لاءِ ڪري رهي آهي، منهنجو ڪو ذاتي ڪاروبار يا ايجنڊا نه آهي ۽ نه ئي وري ملڪ کان ٻاهر آهي، هو اڳوڻن حڪمران وانگر نه آهي جيڪي ملڪ کي لٽي ٻاهر هليا وڃن ٿا.03
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟