سپريم ڪورٽ تعليم کاتي ۾ ڀرتي ٿيل نان ٽيچنگ اسٽاف جون پگهارون روڪڻ بابت درخواستون رد ڪري ڇڏيون

0Shares

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سُپريم ڪورٽ پير مظهر الحق جي دور ۾ تعليم کاتي ۾ ڀرتي ٿيل نان ٽيچنگ اسٽاف جون پگهارون روڪڻ جي حوالي ساندرخواستون خارج ڪري ڇڏيون. سُپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ تعليم کاتي ۾ مقرر ٿيل نان ٽيچنگ اسٽاف کي پگهارون جاري نه ٿيڻ واري معاملي تي ٻڌڻي ٿي، سروس ٽربيونل جي فيصلي خلاف درخواست داخل ڪرائيندڙن موقف اختيار ڪيو ته ٽربيونل طرفان 17 مهينا دير سان داخل ڪرڻ جي بنياد تي درخواست خارج ڪري ڇڏي. سُپريم ڪورٽ به سروس ٽربيونل جي فيصلي خلاف درخواستن کي رد ڪري ڇڏيو. عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته 17 مهينن جو عرصو گذرڻ کانپوءِ داخل درخواستن تي ٻڌڻي ڪرڻ جي قانون اجازت نٿو ڏئي، اپيل داخل ڪرڻ لاءِ هڪ مخصوص ٽائيم فريم ڏنو ويو آهي. واضح رهي ته اڳوڻي تعليم واري وزير پير مظهر الحق جي وزارتي دور ۾ تعليم کاتي اندر اٽڪل سوا 5 سئو نان ٽيچنگ اسٽاف ڀرتي ڪيو ويو هو، جاچ کانپوءِ 166 اُميدوارن کي اهل قرار ڏنو ويو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں