وفاقي سرڪار پاران اڳوڻن حڪمرانن کان سرڪاري خزاني مان خرچ ڪيل رقم واپس ڪرائڻ جو فيصلو

0Shares

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ڪابينا اجلاس ٿي گذريو، اجلاس ۾ گذريل حڪومتن جي ميڊيڪل ۽ ڪيمپ آفيسن جي خرچن جي تفصيلن سميت 14 نڪاتي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ گذريل حڪومت جي ميڊيڪل ۽ ڪيمپ آفيسن جي خرچن جا تفصيل پيش ڪيا ويا. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪيل دستاويزن موجب ڪيمپ آفيسن، سيڪيورٽي ۽ ميڊيڪل جي نالي تي قوم جا اربين رپيا لٽيا ويا. دستاويزن موجب اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف 4 ارب 31 ڪروڙ 83 لک سرڪاري ناڻي مان خرچ ڪيا، اڳوڻي صدر آصف زرداري 3 ارب 16 ڪروڙ 41 لک رپيا خرچ ڪيا، پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف 8 ارب 72 ڪروڙ 69 لک سرڪار ناڻي مان خرچ ڪيو. دستاويزن موجب اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پنهنجي حڪومتي دور ۾ 35 ڪروڙ رپيا خزاني مان خرچ ڪيا، اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني 24 ڪروڙ، راجا پرويز اشرف 32 ڪروڙ ۽ اڳوڻي صدر ممنون حسين 30 ڪروڙ سرڪار ناڻي مان خرچ ڪيا. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم گذريل دورن ۾ ٿيندڙ خرچن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ سموري رقم ريڪور ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اجلاس ۾ رولز آف بزنس 1973ع جي شيڊول 1 ۾ ترميم تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ڪابينا اي ڪامرس پاليسي فريم ورڪ جي منظوري ڏني جڏهن ته اي ايف شهباز ۽ ڀرپاسي کي جيڪب آباد ڪنٽومنٽ ايريا جي منظوري به اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل هئي. اجلاس ۾ زرعي ترقياتي بئنڪ طرفان وفاقي ڪابينا کي بريفنگ ڏني وئي، نيو ٽيڪ جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر جي منظوري ۽ گورنر هائوس سميت سرڪاري عمارتن جي مستقبل جو فيصلو پڻ اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل رهيو. وفاقي ڪابينا پنهنجن گذريل فيصلن تي عملدرآمد جو به جائزو ورتو. اجلاس ۾ پولي ٿين شاپنگ بيگز جي ميٽيرل جي درآمد ۽ سيل تي پابندي تي غور ڪيو ويو ، اجلاس ۾ اسلام آباد ۾ پلاسٽڪ بيگز تي پابندي لاڳو ڪرڻ جي منظور ڏني وئي. اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا توصيف ايڇ فاروق کي چيئرمين نيپرا مقرر ڪرڻ جي منظور ڏني، ايجنڊا ۾ ريڪوري آف مورگيج بيڪڊ سيڪيورٽي آرڊيننس 2019ع، وقتي چيئرمين ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون اٿارٽي جي مقرري ۽ اسلام آباد هيلٿ ڪيئر سهولت بل 2019ع جي اصولي منظوري به شامل هئي. ٻئي طرف  مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد اڳوڻن وزير اعطمن ۽ اڳوڻن صدرن جي سيڪيورٽي خرچ جا تفصيل جاري ڪندي چيو آهي ته نواز شريف سيڪيورٽي جي نالي تي 431 ڪروڙ 83 لک رپيا خرچ ڪيا ۽ آصف زرداري سيڪيورٽي ۽ انٽرٽينمنٽ جي نالي تي قوم جي ٽيڪس جا 316 ڪروڙ 41 لک رپيا خرچ ڪيا. اسلام آباد ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کان پوءِ وزير اعظم جي سڌُ سماءَ بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ ميڊيا کي آگاهه ڪيو جنهن سان گڏ مراد سعيد سميت ٻيا وفاقي وزير به موجود هئا ۽ هن چيو ته هڪ مخصوص خاندان جي سياسي ڳٺ جوڙ جي ڪري قرضن ۾ ٻڏل ملڪ جي مظلوم عوام سان ناانصافيون ٿيون، ان مغل خاندان قوم جي پيسي سان شاهاڻي انداز ۾ زندگي گهاري. ان موقعي تي مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد چيو ته سنڌ جو ذڪر ڪيو ته سپريم ڪورٽ ۾ جمع رپورٽ موجب ٿر ۾ هر سال 500 کان وڌيڪ ٻاهر بک جي ڪري موت جو شڪار ٿي رهيا آهن، اُتي صحت جي اِها صورتحال آهي ته ايمبولينس به موجود ناهي، صاف پاڻي جو مسئلو سڀ کان وڌيڪ سنڌ ۽ پوءِ ڏکڻ پنجاب ۾ نظر ايندو. مراد سعيد جو چوڻ هو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) ۽ اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جا انگ اکر ٻڌائن ٿا ته سڀ کان وڌيڪ غربت سنڌ ۾ آهي، جنهن کان پوءِ ڏکڻ پنجاب جو نمبر ايندو آهي. وفاقي وزير پنهنجي ڳالهه ٻولهه جاري رکندي اڳوڻي وزير اعظم ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ يوسف رضا گيلاني جي باري ۾ ٻڌايو ته سندس وزير اعظم هائوس کان سواءِ 5 ڪيمپ آفيسون 3 لاهور ۽ 2 ملتان ۾ هيون ۽ قوم جا 24 ڪروڙ 50 لک 49 هزار رپيا سيڪيورٽي تي خرچ ڪيا ويا. هن چيو ته ان کان پوءِ آصف زرداري جو وارو ٿو اچي جيڪو قوم تي سڀ کان وڌيڪ ڳرو پيو، اڳوڻي صدر جي لاڙڪاڻي ۽ نئو ديرو ۾ به ڪيمپ آفيسون هيون حالانڪ اُتي سندس پنهنجو ذاتي گهر موجود آهي. اڳوڻي صدر جي حوالي سان هن چيو ته آصف زرداري سيڪيورٽي ۽ انٽرٽينمنٽ جي نالي تي 316 ڪروڙ 41 لک 18 هزار 227 خرچ ڪيا ۽ اِهو پيسو ان وقت خرچ ڪيو ويو جڏهن هو ملڪ جو صدر نه هو، اِها رقم 2013ع کان 2018ع جي وچ ۾ خرچ ڪئي وئي. تفصيل ٻڌائيندي هن چيو ته 2015ع ۾ آصف زرداري وٽ 246 گاڏيون سيڪيورٽي جي نالي تي  هيون، 2017ع ۾ 164 گاڏيون ۽ 2018ع ۾ 158 گاڏيون هيون جڏهن ته 2019ع ۾ جيل وڃڻ کان اڳ هن وٽ 158 گاڏيون، 646 پوليس اهلڪارن سميت 820 تائين سيڪيورٽي اهلڪار موجود هئا. ڳالهه ٻولهه دوران مسلم ليگ ن جي تاحيات سربراهه نواز شريف جي باري ۾ وفاقي وزير ٻڌايو ته 2015ع ۾ نواز شريف  جو آمريڪا جو دورو 4 لک 60 هزار ڊالرن جو هو جڏهن ته هلندڙ مهيني عمران خان جو اِهو ئي دورو 60 هزار ڊالر  ۾ مڪمل ٿي ويندو. هن چيو ته نواز شريف 4 لک ڊالر کان وڌيڪ استعمال ڪري رهيو هو، ان کان سواءِ 2016ع ۾ نواز شريف جڏهن ملڪ کان ٻاهر علاج لاءِ ويو ته ان تي 3 لک 27 هزار پائونڊ خرچ ٿيا جڏهن ته نواز شريف جي سفري خرچن جي رقم به قوم جي ٽيڪس جي پيسن مان ادا ڪئي وئي. مواصلات واري وزير جو چوڻ هو ته گهر جي مرمت تي 24 ڪروڙ 50 لک رپيا خرچ ڪيا ويا، سيڪيورٽي جي مد تي 6 ڪروڙ 66 لک رپيا خرچ ڪيا ويا ۽ نواز شريف سيڪيورٽي تي گڏيل طور تي 431 ڪروڙ 83 لک رپيا لڳايا ويا. پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي هن چيو ته نواز شريف رائيونڊ جي لاءِ خاص روڊ قوم جي پيسن سان بڻايو جڏهن ته عمران خان جي گهر جو روڊ سندس ذاتي پيسن سان بڻايو ويو، عمران خان جا ڪا به ڪيمپ آفيس ناهي، هو وزير اعظم هائوس ۾ ناهي رهند پر هو بني گالا ۾ پنهنجو خرچ پاڻ کڻندو آهي. پريس ڪانفرنس دوران شهباز شريف جي خرچن جي تفصيل ٻڌائيندي مراد سعيد چيو ته هن قوم جا 872 ڪروڙ 59 لک 59 هزار رپيا پنهنجي سيڪيورٽي تي خرچ ڪيا. هن چيو ته شهباز شريف 130 ڪروڙ رپين جو هيليڪاپٽر ورتو، پر ان کان سواءِ نواز شريف جي وزير اعظم طور استعمال هيٺ جهاز کي شهباز شريف 556 ڀيرا استعمال ڪيو، جنهن تي قوم جا 41 ڪروڙ 77 لک 33 هزار خرچ ڪيا ويا. گڏوگڏ ئي هن اڳوڻي صدر ممنون حسين جي باري ۾ ٻڌايو ته هن ڪراچي جي گهر کي ڪيمپ آفيس ظاهر ڪيو ۽ ان جي ڪري 30 ڪروڙ 32 لک 7 هزار رپيا استعمال ڪيا جڏهن ته شريف خاندان جي سيڪيورٽي تي 2 هزار 717 اهلڪار مقرر هئا. هن چيو ته پنجاب جي وڏي وزير جي اچڻ کان پوءِ وڏي وزير جي سيڪيورٽي جي مد ۾ ٿيل خرچن ۾ 85.6 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي ۽ اهڙي ريت 60 سيڪڙو سفري الائنس به گهٽ ڪئي وئي آهي جڏهن ته هن جي ۽ عمران خان ٻنهي جي ڪا به ڪيمپ آفيس ناهي. ان موقعي تي ماحوليات واري صلاحڪا ملڪ امين اسلم چيو ته مون سون جي وڻ ڪاري مهم شروع ٿيڻ واري آهي ۽ اسان ان جي لاءِ سڄي پاڪستان ۾ 14 ڪروڙ جو هفد رکيو آهي ۽ ان جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ 400 پروگرام ٿيندا. ملڪ امين اسلم چيو ته ڪابينا پلاسٽڪ شاپنگ بيگ جي حوالي سان اهم فيصلو ڪيو آهي ڇو ته اِها اسان جي لاءِ عذاب بڻجي چڪي آهي، شهرن ۾ انهيءَ جي ڪري ٻوڏ ايندي آهي ۽ بيماريون پکڙجنديون آهن. سندس چوڻ هو ته پلاسٽڪ شاپر هڪ اهڙي مخلوق آهي جيڪا هزارين سالن تائين جيئري رهندي آهي پر ان مان قوم کي ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ ڪابينا هڪ اهم فيصلو ڪيو آهي جنهن جي لاءِ اسان اسلام آباد مان آغاز ڪنداسين. ماحوليات واري صلاحڪار  چيو ته ڪابينا پلاسٽ ٿهيلي مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ هڪ قانون جي منظوري ڏني آهي جنهن جي تحت 14 آگسٽ کان اسلام آباد ۾ ان تي پابندي لاڳو ڪئي ويندي. هن چيو ته پلاسٽڪ تي ان کان اڳ به پابندي لاڳو ڪئي وئي هئي، 1994-1995-2001ع  ۽ پوءِ 2013ع به ۾ پابندي لڳي پر قانون اهڙو هيو جنهن تي عملدرآمد نه ٿي سگهيو ان ڪري اسان دنيا جي قانون جو مطالعو ڪري اهڙو قانون بڻايو آهي جنهن جي تحت عملدرآمد ڪري ڏيکارينداسين. قانون جي بيهڪ ٻڌائيندي هن چيو ته اسلام آباد ۾ 14 آگسٽ  کان پوءِ پلاسٽ جي شاپنگ بيگ بڻائيندڙ، استعمال ڪندڙ ۽ وڪرو ڪندڙن تي ڏنڊ لڳايو ويندو ۽ هي اِهو ئي ماڊل آهي جيڪو سڄي دنيا ۾ اختيار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پلاسٽڪ شاپر بڻائيندڙن تي 50 هزار کان 5 لک، خريدڻ واري تي 10 هزار کان 50 هزار تائين ۽ پلاسٽڪ بيگ استعمال ڪندڙن تي 5 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو، انهن ڏنڊن جو مقصد پلاسٽ شاپر مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ آهي. پلاسٽڪ شاپر جي تياري جي حوالي سان تفصيل ٻڌائيندي هن چيو ته 1990ع ۾ پاڪستان ۾ هڪ ڪروڙ شاپنگ بيگ هوندا هئا ۽ اڄ پاڪستان ۾ هڪ سال ۾ 55 ارب بيگ استعمال ٿيندا آهن. ماحوليات واري صلاحڪار چيو ته هر پاڪستاني سال ۾ لڳ ڀڳ 300 کان 275 جي لڳ ڀڳ شاپنگ بيگ استعمال ڪري اڇلائيندو آهي جيڪا اسان جي ڌرتي ۾ هلي ويندي آهي، اِها پلاسٽڪ بيگ يا ته زمين جي اندر هلي ويندي آهي يا نالن جي ذريعي سمنڊ ۾ هلي ويندي آهي.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں