وياج جي شرح ۾ واڌ، 13.25 سيڪڙو مقرر، اسٽيٽ بئنڪ مهانگائي وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو

0Shares

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان (ايس بي پي) ايندڙ ٻن مهينن جي لاءِ وياج جي شرح ۾ هڪ سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو. مهانگائي جي شرح 12 کان 13 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي. ايندڙ ٻن مهينن جي لاءِ مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪندي گورنر اسٽيٽ بئنڪ رضا باقر چيو ته ايندڙ ٻن مهينن جي لاءِ وياج جي شرح ۾ هڪ سيڪڙو اضافي جو فيصلو ڪندي بنيادي وياج جي شرح 13 ڏهائي 25 سيڪڙو ڪري ڇڏي آهي. ان اضافي جو سبب بجيٽ ۾ ٽيڪس جا کنيل قدم آهن. هن چيو ته مهانگائي جي شرح 11 کان 12 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. هلندڙ مالي سال جي آخري ڇهن مهينن ۾ مهانگائي ۾ گهٽتائي ايندي. واضح رهي ته ان کان پهرين بنيادي وياج جي شرح 12 سيڪڙو 25 سيڪڙو هئي ۽ مئي 2018ع کان هاڻ تائين وياج جي شرح ۾ پنج ڏهائي پنجهتر سيڪڙو جو اضافو ٿي چڪو آهي. ٻئي طرف جون 2019ع ۾ مهانگائي جي شرح 8 ڏهائي 9 سيڪڙ رهي آهي. پاڪستان وياج جي شرح جي حساب سان ڏکڻ ايشيا ۾ پهرين نمبر تي اچي ويو، گورنر اسٽيٽ بئنڪ رضا باقر چيو ته مهانگائي وڌڻ جو خدشو آهي ٽيڪسن ۾ واڌ سبب ماڻهن ۾ خريد واري فوت گهٽ ٿي آهي ايندڙ هلندڙ مالي سال دوران مهانگائي وڌڻ جو خدشو آهي ٻئي طرف وياج جي شرح ۾ مسلسل واڌ سبب واپاري طبقي ۾ مايوسي ڇانيل آهي.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں