حڪومت حديبيه ملز سميت بي نامي ملڪيتون ضبط ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

0Shares

اسلام آباد(بيورو) احتساب جي خصوصي معاون شهزاد اڪبر چيو آهي ته آصف زرداري جي بي نامي ڪمپنين جي تعداد 32 آهي. آصف زرداري جي خلاف جي آءِ ٽي جي جاچ ۾ ڪيتريون ئي جائيدادون اٽيچ ڪيون ويون آهن. هن وڌيڪ چيو ته حسن نواز، حسين نواز، علي عمران ۽ سليمان شهباز سميت سڀئي مفرور آهن. انهن سڀني جي نالي تي جائيدادون، بئنڪ شيئرز کي به اٽيچ ڪيو ويندو. هن چيو ته ماضي جي غلطين سبب پاڪستان تي بليڪ لسٽ هئڻ جو خطرو لٽڪي رهيو آهي. شهزاد اڪبر چيو ته جيڪڏهن حسن نواز، حسين نواز، علي عمران ۽ سليمان شهباز واپس ملڪ نه آيا ته جائيدادون  ضبط ٿي سگهن ٿيون. هن چيو ته آصف زرداري جي بي نامي جائيدادن ۾ الفازولو، پلازه انٽرپرائيزز، نيو ٺٽو شگر ملز، ٺٽو سيمنٽ فيڪٽري سميت آصف زرداري ۽ اومني گروپ جون ملڪيتون ضبط ڪيون آهن، 60 ڏينهن ۾ بي نامي ملڪيتن جا ثبوت نه ڏيڻ تي ضبط ڪري وڪرو ڪيون وينديون. هن چيو ته حديبيه ملز بي نامي آهي، ان کي به ضبط ڪيو ويندو، ڪراچي ۾ بي نامي پلاٽ ظاهر ٿيا آهن، بلاول هائوس ڀرسان پلاٽ خريد ڪيا ويا جيڪي بي نامي آهن. سمٽ بئنڪ به بي نامي آهي، زرداري، نواز شريف ۽ شهباز شريف ملڪ کي لٽيو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں