ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي سنڌ مان هندو نارين جي اغوا وارن وڌندڙ واقعن خلاف مذمتي ٺهراءُ ڪجهه تبديلين بعد اتفاق راءِ سان پاس ڪري ورتو سنڌ اسيمبلي ۾ پرائيويٽ ميمبرز ڊي جي موقعي تي جي ڊي اي جي اقليتي ميمبر نند ڪمار گوڪلاڻي هڪ نجي قرارداد پيش ڪئي جيڪا هندو نياڻين جي اغوا بابت هئي. ايوانڪجهه ترميمن بعد متفقه طور تي اهڙي قرارداد منظور ڪري ورتي جڏهن ته ايم ڊي ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ خلاف پي ٽي آءِ جي ميمبر خرم شير زمان پنهنجي استحقاق واري تحريڪ حڪومتي ڌر پاران يقين ڏيارڻ تي واپس وٺي ڇڏي. خرم شير زمان جو چوڻ هو ته ايم ڊي ڪراچي واٽر بورڊ اجلاس ۽ واعدا گهڻا ڪندو آهي پر ان باوجود اسان جي تڪ ۾ پاڻي فراهم نه پيو ڪيو وڃي. پارلياماني معاملن واري وزير مڪيش ڪمار چاولا استحقاق واري رٿ جي مخالفت ڪئي ۽ چيو ته هي سڄي ڪراچي جو مسئلو آهي، بعد ۾ خرم شير زمان حڪومتي ڌر پاران اهڙي شڪايت تي همدرداڻو غور ڪرڻ جو يقين ڏيارڻ بعد اهڙي رٿ بعد ۾ واپس وٺي ڇڏي. اپوزيشن ميمبر نندڪمار گوڪلاڻي پنهنجي قرارداد پيش ڪندي چيو ته بلاول ڀٽو گهوٽڪي ۾ هندن جي معاملي تي آواز اٿارڻ جو اعلان ڪيو هو جنهن تي اسان پيپلز پارٽي جا مشڪور آهيون. هن چيو ته اسان اصل سنڌ ڌرتي ۽ هڙاپا جي تاريخ جا وارث آهيون پر پنهنجي نياڻين لاءِ سراپا احتجاج آهيون. ٺٽو ۾ هڪ استاد جنهن کي پيءُ جو درجو ڏنو ويندو آهي تنهن پنهنجي شاگردياڻي کي ڀڄائي ساڻس شادي ڪئي. هن چيو ته ٺٽي ۾ هڪ ارباب هڪ نياڻي کي ڀيڻ قرار ڏنو ۽ ان کي راکي به ٻڌي پر ان سان شادي ڪئي. نند ڪمار چيو ته مون ايوان ۾ ان معاملي تي بل آندو ان کي اقليتن واري کاتي چئن مهينن کان غائب ڪري ڇڏيو آهي. نند ڪمار چيو ته گذريل 14 ڏينهن ۾ اسان جي 41 نياڻين جو زبردستي مذهب تبديل ڪرايو ويو آهي. هن چيو ته قائداعظم اسان جي حقن لاءِ واعدو ڪيو هو ته برابري جي بنياد تي حق ملندا پر قائد جو پاڪستان ڪٿي آهي. هن چيو ته اسان جي 14 سالن جي نياڻين سان شادي ڪئي وئي جيڪو عمل (ريپ) ۾ اچي ٿو. پي ٽي آءِ جي خرم شير زمان نند ڪمار پاران مذهب جي نالي تي ريپ لفظ جي مخالفت ڪندي چيو ته اهڙي لفظ برداشت نه ڪنداسون. هن چيو ته اغوا پنجاب ۽ ٻين صوبن ۾ ٿيندا آهن پر اسان جي مذهب نه اسان کي ائين سيکاريو آهي نه ائين ڪنداسين. خرم شير زمان چيو ته هندو برادري کي پاڪستان مذهبي آزادي حاصل آهي هندو اسان کان وڌيڪ محب وطن آهن ڀارت ۾ مسلمانن سان زيادتي ڪئي ويندي آهي پر پاڪستان ۾ سڀني کي مڪمل آزادي آهي، اغوا جون وارداتون سماجي مسئلو آهي. پي ٽي آءِ جي پارلياماني اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو ته تمام سياسي جماعتون پنهنجي سياسي نظريات کان مٿانهون ٿي ڪري هندو برادري سان گڏ آهن. پارلياماني معاملن واري وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو ته اسان وٽ ڪا به اقليت ناهي، مسلم ۽ غير مسلم سڀ برابر ۽ پاڪستاني آهن. سنڌ حڪومت غير مسلم نياڻين جي اغوائن وارن واقعن کي روڪڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. ايم ڪيو ايم جي منگلا شرما چيو ته منهنجي پارٽي جا ميمبر اسان جي اشوز تي ساٿ نه پيا ڏين، ڳالهائڻ جي به اجازت وٺڻي پوندي آهي. هن چيو ته منهنجو سوال آهي ته هندو ڇوڪريون صرف سنڌين کي پسند ڪنديون آهن ۽ ڀڄنديون آهن جيڪڏهن انگ اکرن کي ڏٺو وڃي ته ان مان گهڻي قدر سنڌي ماڻهو آهن. منگلا شرما چيو ته اسان نه ملڪ ڇڏينداسون نه هجرت ڪنداسون، هن ڌرتي جا آهيون اتي ئي رهنداسون. جي ڊي اي جي نصرت سحر چيو ته مذهبي متڀيد کان مٿانهون ٿي هندو نياڻين سان ٿيندڙ زيادتين خلاف آواز اٿارڻ جي ضرورت آهي. ثقافت واري وزير سردار شاهه چيو ته بين المذاهب ڀائيچاري سبب ملڪي نظام هلي رهيو آهي، آئون اقليتي ضلعي عمرڪوٽ سان تعلق رکان ٿو، اسان غير مسلم برادري سان گڏ آهيون، اغوا ڪنهن جي به ٿئي اهو ڏوهه آهي. ايم ايم اي جي ميمبر عبدالرشيد چيو ته اغوا جون وڌندڙ وارداتون قومي چئلينج آهي، پاڪستان جي آئين ۽ سماج مڙني مذهبن کي تحفظ ۽ آزادي ڏني آهي، تمام مذهبي ڌريون سڀ پاڪستاني آهن، اسان کي پرڏيهي طاقتن جي سازشن کان بچڻو پوندو بعد ۾ ايوان سنڌ جي مختلف شهرن مان اغوا جي وارداتن خلاف مذمتي قرارداد ترميمن سان گڏ منظور ڪري ورتي تنهن بعد اجلاس جمعي ڏينهن صبح جو 10 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.03
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟