لنڊن (م ڊ) برطانوي اخبار ڊيلي ميل دعويٰ ڪئي آهي ته پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف جي ڪُٽنب برطانيا طرفان زلزلي متاثرن لاءِ ڏنل امداد ۾ به چوري ڪئي. ڊيلي ميل جي شايع ٿيل رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته شهباز شريف جي وڏ وزارت دوران زلزلي متاثرن لاءِ برطانوي اداري طرفان اٽڪل 50 ڪروڙ پائونڊ پنجاب سرڪار کي ڏنا ويا. رپورٽ موجب پاڪستان جي جاچ اداري جي ذريعن چيو آهي ته هڪ پاسي عالمي ترقياتي منصوبن لاءِ امداد ڏيندڙ برطانوي ادارو ڊي ايف آءِ ڊي اڳوڻي وڏي وزير تي امداد جي برسات ڪندو رهيو، ٻئي پاسي اڳوڻي وڏي وزير جو خاندان فنڊز جا ڪروڙين رُپيا مني لانڊرنگ ذريعي برطانيا منتقل ڪندو رهيو. برطانوي اخبار جي رپورٽ موجب پاڪستاني جاچ اداري جي ذريعن جو چوڻ آهي ته کين پڪ آهي ته مني لانڊرنگ ذريعي برطانيا منتقل ڪيل رقم ۾ ڊي ايف آءِ ڊي کان ورتل امداد جو ڳڍ حصو شامل آهي. برطانيا جي ويب سائيٽ ڊيلي ميل موجب برطانوي شهري آفتاب محمود شهباز شريف جي لاءِ لکين پائونڊن جي مبينه مني لانڊرنگ جو اعتراف ڪيو آهي جنهن کان پوءِ اها معلومات ورتي پئي وڃي ته اڳوڻي وزيراعليٰ پنجاب جا اثاثا ڪيئن وڌيا. برطانيه جي صحافي ڊيوڊ روز هڪ آرٽيڪل شايع ڪيو آهي جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته برطانيا مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف خلاف مني لانڊرنگ جي الزامن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. شهباز شريف تي الزام آهي ته هن برطانيا طرفان پنجاب صوبي کي زلزلي متاثرن جي امداد لاءِ ڏنل 500 پائونڊ جي رقم ۾ مبينا خرد برد ڪئي ۽ مني لانڊرنگ ذريعي لکين پائونڊ برطانيا موڪليا. برطانوي اختيارين شهباز شريف جي حڪومتي دور ۾ ڏنل ڪروڙين پائونڊ جي امداد جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. برطانوي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان ۾ ڪرپشن ذريعي چورايل لکين پائونڊ برمنگهم منتقل ڪيا ويا جتان اها رقم شهباز شريف جي برطانوي بئنڪ اڪائونٽس ۾ منتقل ڪئي وئي. آرٽيڪل موجب شهباز شريف لاءِ لکين پائونڊ جي مبينا مني لانڊرنگ جو اعتراف آفتاب محمود ڪيو آهي. زلزلي متاثرين جي امداد ۽ ٻين ذريعن کان ڪيل خرد برد جي رقم اڳوڻي پنجاب جي وڏي وزير زال، ٻارن ۽ ناٺي جي اڪائونٽن ۾ منتقل ڪئي. برطانوي اخبار موجب 2003 ۾ شريف خاندان جا اثاثا ڏيڍ لک پائونڊ هئا ۽ 2018 ۾ 20 ڪروڙ پائوند تائين پهچي ويا. جاچ موجب شريف خاندان جي دولت ۾ ڪيترائي دفعا اضافو ڏسڻ ۾ آيو پر اضافي جو واضح جواز پيش ناهي ڪيو ويو.03
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟