سنڌ پوليس ۾ بدليون ۽ مقرريون، خادم رند ڪراچي اولهه، آزاد خان سکر جا ڊي آءِ جيز مقرر

ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ پوليس ۾ آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن 20 گريڊ جي خادم حسين رند کي ڊي آءِ جي فنانس سي پي او سنڌ جي پوسٽ تان بدلي ڪري ڊي آءِ جي ڪراچي ويسٽ زون مقرر ڪيو ويو آهي جتان آزاد خان کي بدلي ڪري ڊي آءِ جي سکر رينج مقرر ڪيو ويو آهي سکر مان 20 گريڊ جي ذوالفقار علي لارڪ کي بدلي ڪري ڊي آءِ جي فنانس سي پي او سنڌ مقرر ڪيو ويو آهي 19 گريڊ جي مقصود احمد کي ايس ايس پي جيڪب آباد جي عهدي تان هٽائي ڊي آءِ جي فارنيزڪ ڊويزن سنڌ مقرر ڪيو ويو آهي مقصود احمد کي ڊي آءِ جي سيڪيورٽي سنڌ جي اضافي چارج لڪ آفٽر لاءِ ڏني وئي آهي 18 گريڊ جي شوڪت علي کٽياڻ کي ايس ايس پي شڪارپور جي عهدي تان هٽائي ايس ايس پي جيڪب آباد مقرر ڪيو ويو آهي 18 گريڊ جي قمر رضا جسڪاڻي کي ايس ايس پي سجاول جي عهدي تان بدلي ڪري اي آءِ جي آپريشنز سي پي او سنڌ مقرر ڪيو ويو آهي جتان وري 18 گريڊ جي سيد سلمان حسين کي بدلي ڪري پرنسل اسٽاف آفيسر پي ايس او آءِ جي سنڌ جي خالي پيل پوسٽ تي مقرر ڪيو ويو آهي، پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل 18 گريڊ جي مسعود احمد کي ايس ايس پي سجاول مقرر ڪيو ويو آهي.5

اپنا تبصرہ بھیجیں