ڪرڪيٽ جو باني انگلينڊ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عالمي چئمپين بڻجي ويو

0Shares

لارڊز(اسپورٽس نيوز) فائنل ۾ نيوزلينڊ ۽ انگلينڊ پنهنجي سيمي فائنل جي اليون کي برقرار رکيو. انگلش ٽيم 1992ع کانپوءِ پهرين دفعو فائينل کيڏي رهي آهي. جڏهن ته نيوزيلينڊ 2015ع ۾ گذريل ورلڊ ڪپ جو فائنل به کيڏي چڪي آهي. لارڊز جي تاريخي گرائونڊ تي کيڏجندڙ ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي ڪپتان ڪين وليمسن ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر 50 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي  رنسون ٺاهيون. نيوزيلينڊ جي طرفان هينري نڪولس 55، ٽام ليٿم 47 ۽ ڪين وليمسن 30 رنسن سان نمايان اسڪورر رهيا. ٻين رانديگرن ۾ مارٽن گپٽل 19، روس ٽيلر 15، جمي نيشم 19، گرانڊ هوم 16 ۽ هينري 4 رنسون ٺاهي پويلين طرف موٽيا. انگلينڊ جي طرفان ڪرس ووڪس ۽ لائم پلنڪٽ 3، 3 جڏهن ته جوفرا آرچر ۽ مارڪ وڊ 1، 1 وڪيٽ پنهنجي نالي تي ڪئي. انگلينڊ مقرر 50 اوورن ۾ 241 رنسن تي پوري ٽيم ڍير ٿي وئي جنهن بعد ميچ ٽاءِ ٿي ويو. بين اسٽوڪس 84 رنسن جي ناقابل شڪست اننگ کيڏي، بٽلر 59 رنسون ۽ بيرسٽو 36 رنسون ٺاهيون. نيوزيلينڊ طرفان فرگسن ۽ نيشم 3-3 جڏهن ته گرينڊ هوم ۽ هينري هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. آخري اوور ۾ انگلينڊ کي 15 رنسون گهربل هيون 5 بالن تي 13 رنسون ٺاهڻ بعد آخري بال تي 2 رنسون گهربل هيون ته انگلش ٽيم جو آخري رانديگر ٻي رن ٺاهڻ جي ڪوشش ۾ رن آئوٽ ٿي ويو ۽ ميچ برابر ٿي وئي. انگلينڊ طرفان سپر اوور لاءِ بيٽنگ ڪرڻ بين اسٽوڪس ۽ جوز بٽلر آيا، نيوزيلينڊ طرفان سپر اوور ڪرائڻ لاءِ فاسٽ بالر ٽرينٽ بولٽ کي موڪليو ويو، انگلش بيٽسمينن مقرر 6 بالن تي 15 رنسون ٺاهيون. ڪيويز طرفان نيشم ۽ مارٽن گپٽل بيٽنگ لاءِ آيو، انگلينڊ طرفان سپر اوور ڪرائڻ لاءِ آرچر کي بال پڪڙايو ويو، انگلينڊ به مقرر 6 بالن تي 15 رنسون ٺاهيون ته ٻيهر اسڪور برابر ٿي ويو ۽ اننگ ۾ وڌيڪ بائونڊرين سبب انگلينڊ کي فاتح قرار ڏنو ويو. ايندڙ عالمي ڪپ جي ميزباني ڀارت سميت ايشين ملڪ ڪندا.06

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں