اوٻاوڙو (ن هه) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪٺپتلين کي سياست مان نيڪالي ڏئي سليڪشن نه پر صاف سٿري اليڪشن ڪرائڻي پوندي ڪٺ پتلي وزيراعليٰ پنجاب صوبي لاءِ نه وڙهندو ته اسان پنجاب جا حق کسي وٺنداسين پاڻيجي کوٽ آهي ته سڀني کي گڏجي برداشت ڪرڻو پوندو آءِ ايم ايف جي بجيٽ ۾ اميرن لاءِ اين آر او آهي عمران خان هڪ ڪروڙ نوڪرين جو واعدو ڪيو ۽ هڪ به نه ڏني. صادق آباد ۾ ورڪرز ڪنويشن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نوجوانن جو معاشي قتل ٿي رهيو آهي ۽ صوبن جو به معاشي قتل ٿي رهيو آهي سنڌ ۾ به ڌاڙو هنيو ويو آهي سڀ کان گهڻو نقصان پنجاب کي ٿيو آهي 7 سنڌ سان ناانصافي ٿئي ٿي ته وڏو وزير حقن لاءِ وڙهي ٿو پر پنجاب ۾ ائين نه ٿو ٿئي. ڪٺپتلي پنجاب جو وڏو وزير صوبي لاءِ نه وڙهندو ته اسان پنجاب جا حق ان کان کسي وٺنداسين. هن چيو ته اسان پنهنجي حڪومت ۾ سخت حالتن باوجود عام ماڻهوءَ جي ڏکيائين جو خيال رکيو پر هن حڪومت جي بجيٽ ۾ عوام لاءِ تڪليف ۽ امير لاءِ سهولت آهي. ان کان اڳ اڳوڻي سيد انور محمود چيو ته پاڪستان اڄ جيترو ڪمزور آهي اڳ ڪڏهن به نه هيو پاڪستان جون حالتون خراب ٿي رهيون آهن هن چيو ته منهنجو ۽ منهنجي ٻارن جو جيئڻ مرڻ پ پ سان تعلق آهي ان کان اڳ ايم پي اي ممتاز احمد چانگ تقرير ڪندي چيو ته منهنجي تڪ ۾ زراعت لاءِ پاڻي ناهي ۽ 70 سيڪڙو ماڻهن وٽ بجلي ناهي سمورن ايم پي ايز اسيمبلي ۾ آواز اٿاريو جنهن تي سڏ نه ورنايو ويو. ٻئي طرف پ پ پ جي چئرمن بلاول ڀٽو زرداري اوٻاوڙو ۾ اڳوڻي صوبائي وزير ڄام محتاب حسين ڏهر جي رهائشگاه بشير آباد ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو ته ، وفاقي حڪومت پاران عوام دشمن بجٽ آندو ويو آهي ، جنهن ۾ غريب عوام لاءِ ڪجه به نه رکيو ويو آهي، عوام دشمن بجڊ ۾ ٽيڪس ۽ مهانگائي جو طوفان آندو ويو آهي ، عمران خان غريب عوام کي 1 ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ ۽ 50 لک گهر ٺاهڻ جو اعلان ڪيو هو ، اهي ڪٿي آهن، عمران حڪومت غريبن کي گهر ٺاهي ڏيڻ بدران ڪيرائي رهي آهي، عوام کي بک ۽ بدحالي طرف دکي رهي آهي، هن وڌيڪ چيو ته اين اي 205 گهوٽڪي ۾ سردار محمد بخش مهر کي سندس وفاداري تي پارٽي ٽڪٽ ڏني وئي آهي، گهوٽڪي جا ڪجهه سليڪٽڊ وڏيرا عوام تي دٻاءُ وجهي چونڊون ۾ ڌانڌلي ڪرائڻ چاهين ٿا ، پ پ پ هڪ واحد نظرياتي پارٽي مظلومن سان گڏ آهي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟