مهر جيلاني ۽ ناصر جنجوعا ڌمڪيون ۽ لالچ ڏني: جج ارشد ملڪ

0Shares

اسلام آباد (بيورو) احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ جي جاتي امرا ۾ نواز شريف سان ملاقات جو انڪشاف ٿيو آهي. جج ارشد ملڪ وڊيو اسڪينڊل تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس عامر فاروق کي خط ۽ بيان حلفي لکي مريم نواز جي الزامن جي ترديد ڪندي کين بي بنياد قرار ڏنو آهي. جسٽس عامر فاروق وڏو فيصلو ڪندي رجسٽرار کي حڪم ڏنو ته جج ارشد ملڪ جي خط ۽ بيان حلفي کي نواز شريف جي سزا خلاف اپيل  جي رڪارڊ جو حصو بڻايو وڃي.  جسٽس عامر فاروق جي حڪم تي فوري طور عمل ڪندي رجسٽرار خط ۽ بياني حلفي کي رڪارڊ جو حصو بڻائي ڇڏيو آهي. جج ارشد ملڪ چئن صفحن تي ٻڌل خط ۾ چيو آهي ته مهر جيلاني ۽ ناصر جنجوعا نواز شريف جو ڪيس اچڻ کان اڳ سانس رابطو ڪري چيو ته اسان توهان کي هتي لڳرايو آهي، ڪيس جيئن ئي مون وٽ آيو ته ڌمڪيون ۽ لالچ ڏيڻ شروع ڪئي، ٻڌڻين دوران ناصر جنجوعا ملاقات ڪري چيو ته جيترا پئسا گهرجن وٺو،  فيصلو حق ۾ ڏيڻ تي نواز شريف مرضي جا پئسا ڏيندو پر مان ڪنهن لالچ يا ڌمڪي کانسواءِ فيصلو ڏئي ڇڏيو. جج ارشد ملڪ چيو ته نواز شريف جي ڪيس جي فيصلي کانپوءِ ڪجهه عرصي تائين خاموشي رهي پر ڪجهه مهينن کانپوءِ هڪ شخص مون کي وڊيو ڏيکاري جيڪا ٽيمپرڊ هئي ۽ غير اخلاقي حرڪتن تي ٻڌل هئي، اپريل ۾ ناصر بٽ مون کي ملتان واري غير اخلاقي وڊيو ڌمڪي طور ڏيکاري، جعلي وڊيو ۾ مون کي چيو ويو ته هي تون آهين، مون تي دٻاءَ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر مان انڪار ڪيو. احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ چيو ته ناصر بٽ مون کي ڌمڪي ڏني ته توهان کي ميان صاحب سان ملاقات ڪرڻي پوندي، ناصر بٽ سان جاتي عمرا ويس، مون سان ملندي نواز شريف جو موڊ خراب هو، مان وضاحت جي ڪوشش ڪئي پر نواز شريف سٺو رد عمل نه ڏنو، ناصر بٽ ڌمڪيون ڏيندي چيو ته فيصلي ۾ قانون جهول ٻڌايو،  مان ناصر بٽ جو مطالبو قبول ڪيو. جج ارشد ملڪ چيو ته مئي مهيني ۾ عمر تي سعودي عرب ويس، منهنجي حسين سان فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي، مون کي گهڻا پئسا ڏيڻ جي آڇ ڪئي وئي، برطانيا ۾ مون کي ۽ گهر وارن کي رهائش ڏيڻ جي به آڇ ڪئي وئي، ن ليگ جو چوڻ هو ته استعيفيٰ ڏئي چوان ته فيصلو دٻاءُ ۾ ڪيو ويو، حلفي چوان ٿو ته فيصلو حق ۽ انصاف جي بنياد تي ڪيو ۽ منهنجي خلاف پريس ڪانفرنس ۾ سڀ ڪوڙ ڏيکاريو ويو.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں