اسلام آباد (بيورو) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته احتساب عدالت جي جج کي هٽائڻ کانپوءِ نواز شريف خلاف فيصلو ڪالعدم ٿي چڪو آهي.مسلم ليگ جي صدر شهباز شريف احتساب عدالت جي جج کي هٽائڻ تي رد عمل ۾ چيو ته سچائي ثابت ٿيڻ تي اسان الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪريون ٿا. هن چيو ته وڊيو ۽ ان سان جڙيل سموريون حقيقتون سچ ثابت ٿيون آهن. سندس چوڻ هو ته احتساب عدالت جي جج کي هٽائڻ کانپوءِ نواز شريف خلاف فيصلو ڪالعدم ٿي چڪو آهي.شهباز شريف چيو ته نواز شريف کي جيل ۾ هڪ منٽ به رکڻ هاڻي غير قانوني آهي تنهن ڪري جج کي عهدي تان هٽائڻ کانپوءِ نواز شريف کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي جڏهن ته نواز شريف خلاف دٻاءَ تحت فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.هن چيو ته جج هٽائڻ کانپوءِ نواز شريف کي جيل ۾ رکڻ جو جواز ختم ٿي ويو آهي، جڏهن ته انصاف جون گهرجون پوريون ڪندي نواز شريف کي فور طور تي آزاد ڪيو وڃي. ٻئي طرف مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز احتساب عدالت جي ارشد ملڪ کي عهدي تان هٽائڻ جي فيصلي تي چيو آهي ته اعليٰ عدليه حقيقتن کي قبول ڪري ورتو آهي.ٽويٽر تي بيان جاري ڪندي مريم نواز چيو ته الله جو شڪر آهي پر معاملو جج کي معطل ڪرڻ جو ناهي پر ان فيصلي کي معطل ڪرڻ جو آهي جيڪو هن جج ڏنو. هن چيو ته معاملو ڪنهن جج کي ڪڍڻ جو ناهي پر ان فيصلي کي عدالت جي رڪارڊ مان ڪڍڻ جو آهي جيڪو هن جج دٻاءَ ۾ ڏنو. سندس چوڻ هو ته معاملو ڪنهن جج کي فارغ ڪرڻ جو ناهي پر ان فيصلي کي فارغ ڪرڻ جو آهي.مريم نواز چيو ته جج کي فارغ ڪرڻ جو مطلب آهي ته اعليٰ عدليه حقيقتن کي قبوليو آهي، ايئن آهي ته فيصلو ڪيئن برقرار رکيو پيو وڃي جيڪو جج ڏنو، فيصلو ڏيندڙ جج کي سزا ٻڌائي وئي ته بيگناهه نواز شريف کي آزاد ڇو نه پيو ڪيو وڃي. مريم نواز چيو ته جيڪڏهن هڪ جج مس ڪنڊڪٽ جو ذميوار ٿيو آهي ۽ کيس عهدي تان هٽايو ويو آهي ته ان مس ڪنڊڪٽ جو نشانو ٿيندڙ کي ڪيئن سزا ڏئي سگهجي ٿي.هن چيو ته نوازشريف 3 ڀيرا وزيراعظم جي عهدي تي رهندڙ پاڪستان جو پهريون ۽ واحد شخص آهي ۽ اهو شخص اڄ بي گناهه ثابت ٿيڻ باوجود جيل جي سلاخن جي پويان قيد آهي. اهو ڪٿي جو انصاف آهي. ڇا صرف جج کي ئي عهدي تان هٽائڻ ڪافي آهي. هوڏانهن مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته احتساب عدالت جي جج کي هٽائڻ کان پوءِ نوازشريف خلاف ڏنل فيصلي کي به ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. مريم اورنگزيب جج ارشد ملڪ کي هٽائڻ جي فيصلي تي پنهنجي رد عمل ۾ هڪ بيان ذريعي چيو آهي ته نوازشريف جي خلاف فيصلي کي به ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ فوري طور تي کيس آزاد ڪيو وڃي. تصديق ٿي وئي آهي ته وڊيو اصلي آهي. جج صاحب پاڻ مڃيو آهي ته دٻاءُ تي فيصلو ڪيو ويو. هن چيو ته نواز شريف خلاف فيصلي جي قانوني حيثيت پاڻمرادو ختم ٿي وئي آهي. جج کي هٽائڻ سان ثابت ٿي ويو آهي ته مريم نواز جيڪي حقيقتون عوام آڏو آنديون اهي درست آهن.03
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟