پ پ جو مهانگائي خلاف سکر ۾ ڌرڻو، عمران خان جو نئون پاڪستان نه کپي، وڊيو اسڪينڊل سواليه نشان آهي: بلاول ڀٽو

0Shares

سکر(بيورو) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ مهانگائي خلاف پيپلزپارٽي سکر ۾ ڌرڻو هنيو، بلاول ڀٽو چيو آهي ته عمران خان جو نئون پاڪستان نه کپي، حڪومت جي غلط پاليسين سبب مهانگائي آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳي آهي، صوبن جو ڏيوالو نڪري ويو آهي. پريس ڪلب سکر آڏو لڳل هنيل ڌرڻي ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه، آصفه ڀٽو، قائم علي شاهه، خورشيد شاهه، اسلام الدين شيخ، عاجز ڌامرا، ضياءَ الحسن لنجار ۽ ٻين اڳواڻن توڙي ڪارڪنن شرڪت ڪئي، جڏهن ته عورتن جو به وڏو انگ ڌرڻي ۾ موجود هو، ڌرڻي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته اسلام آباد کي پيغام ڏيڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون ته عمران خان جو نئون پاڪستان نه کپي، اسان غريب عوام جي معاشي، جمهوري ۽ انساني حقن لاءِ جدوجهد ڪئي آهي ۽ هاڻي اسان تي حملا ٿي رهيا آهن، هن چيو ته آصف زرداري جي دور ۾ به معاشي حالتون خراب هيون، ٻوڏون آيون، دهشتگردي هئي، اسان آءِ ايم ايف وٽ وياسين پر پگهارن سميت عوام جي بنيادي حقن جي لاءِ بهترين ڪم ڪيا، بلاول چيو ته هن ملڪ ۾ نااهل ۽ سليڪٽيڊ وزير اعظم آندو ويو آهي، معاشي بحران پيدا ٿي ويو آهي، نوڪرين ڏيڻ، گهر ڏيڻ سميت عمران خان جا سمورا واعدا ڪوڙا ثابت ٿيا، عمران آءِ ايم ايف وٽ ڪنڌ جهڪائي ملڪ کي معاشي خدڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي، هن چيو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڌانڌلي واري حڪومت ڌانڌلي سان بجيٽ پاس ڪرائي آهي، سليڪٽيڊ اسپيڪر ڳڻپ به نه ڪئي، وزير اعظم پاڻ به آخر ۾ ووٽ نه ڏنو. حڪمرانن هر شي تي ٽيڪس لڳائي مهانگائي جو طوفان آڻي ڇڏيو آهي، حڪومت جي غلط پاليسين سبب صوبن جو ڏيوالو نڪري ويو آهي. هن چيو ته سنڌ کي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي، صوبن سان ناانصافي ٿي رهي آهي هن چيو ته سينيٽ جو چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين اسان جو هوندو. ٻئي طرف پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سکر ۾ سردار غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج جي دوري بعد ڪم بابت بريفنگ وٺڻ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پيپلز پارٽي جا ڪارڪن عوام دشمن بجيٽ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار آهن ۽ ان جو مقابلو ڪندا، وفاق صوبن جي معيشت جو برو حال ڪيو آهي، پيپلز پارٽي جي ڪوشش آهي ته سنڌ ۾ گھٽ بجيٽ جي باوجود بهتر ڪم ڪيون ۽ عوام جا مسئلا حل ڪيون. ڇو ته وفاق صوبن جي حقن تي ڌاڙا هڻي رهيو آهي، سنڌ حڪومت غريبن کي بنا وياج تي قرض ڏئي رهي آهي، ڪٺ پتلي حڪومت خلاف اسان جي پارٽي تيار آهي سڄي دنيا بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي ساراهيو آهي، هن چيو ته سينيٽ جي اليڪشن ۾ اپوزيشن جو اميدوار ڪامياب ٿيندو، ان جي لاءِ پوري اپوزيشن متحد آهي، رات جي اونداهي ۾ ججن خلاف ريفرنس موڪليا وڃن ٿا. جج جي ويڊيو وارو اسڪينڊل هن ناهي ڏٺو، اها به خبر ناهي سچ آهي يا نه پر ويڊيول اسڪينڊل تي سواليه نشان ضرور آهي عدليه کي جاچ ڪرڻ گھرجي، ادارن کي غير تڪراري ٿيڻو پوندو، آصف زرداري ۽ نواز شريف جي ڪيسن کي هڪ ئي جج ٻڌي رهيو آهي، صورتحال مان لڳي ٿو ته دال ۾ ڪجھ ڪارو آهي، هن گھوٽڪي جي اليڪشن جي حوالي سان چيو ته گھوٽڪي ۾ 18 جولاءِ تي اليڪشن ٿيندي، جڏهن ته ڪورٽ جو فيصلو 16 جولاءِ تي محفوظ ڪيو آهي، اسان کي سموري صورتحال تي تحفظات آهن، سردار محمد بخش خان مهر تي پوئين اليڪشن ۾ به دٻاءُ رکيو ويو ته هو پيپلز پارٽي ڇڏي پر هن ائين نه ڪيو، اسان فيصلي جو هر فورم تي مقابلو ڪنداسين، عدالتي فيصلو جيڪو به آيو ان جو مقابلو ڪيو ويندو، پيپلز پارٽي اقليتن جي حقن جي لاءِ هميشه جدوجھد ڪئي آهي مخالفن سان گڏجي اهي ورڪ ڪري رهيا آهن جيڪي زبردستي مذهب تبديل ڪرائيندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اين آءِ سي وي ڊي اسپتال ۾ عالمي معيار جو علاج ٿي رهيو آهي، سنڌ ۾ دل جي مفت علاج جي سهولت نه هئي جيڪا هاڻي بهتر نموني سان ڏني وئي آهي، اسان چاهيون ٿا ته سنڌ جي نوجوانن کي روزگار ملي، ان جي لاءِ ادارا ٺاهي رهيا آهيون ۽ ڪم به ڪري رهيا آهيون. پبلڪ پارٽنرشپ جي ذريعي منصوبا جاري رکيا ويندا، اسان شهيد بينظير ڀٽو جي نظريي کي کڻي اڳتي وڌي رهيا آهيون، ٿرپول پراجيڪٽ ۽ ٻيا منصوبا پبلڪ پارٽنرشپ کي ڏنا ويا آهن.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں