ننڍن دڪاندارن لاءِ فڪس ٽيڪس جي اسڪيم آڻڻ لاءِ تيار آهيون :ايف بي آر چيئرمين

0Shares

اسلام آباد (بيورو) ايف بي آر چيئرمين شبر زيدي چيو آهي ته ننڍن دڪاندارن جي لاءِ فڪس ٽيڪس اسڪيم آڻڻ جي لاءِ تيار آهيون. زيرو ريٽنگ تي سيلز ٽيڪس 10 سالن کان پوءِ واپس اچي رهيو آهي سڃاڻپ ڪارڊ جو مسئلو ختم ٿ چڪو آهي ان معاملي تي گهڻيون غلط فهميون پيدا ڪيون ويون.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايف بي آر چيئرمين چيو ته سڃاڻپ ڪارڊ جو شرط رڳو سيلز ٽيڪس ۾ رجسٽرڊ ماڻهن لاءِ آهي، اٽي، ميدي ۽ سوجي تي ڪو به ٽيڪس نه لڳايو ويو آهي. اسان کي ٻڌايو پيو وڃي ته 400 وٺي بند موبائيل کولي ڏيو. هن چيو ته سڃاڻپ ڪارڊ جي بهاني ماڻهو پنهنجا ٻيا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. شبر زيدي چيو ته اهڙو فيصلو نه ٿا ڪرڻ چاهيون جنهن سان صنعت ۽ واپار کي نقصان پهچي.هن چيو ته ڪنهن سان به ڳالهين ۾ ڊيڊ لاڪ ناهي، سڃاڻپ ڪارڊ جو معاملو ختم ٿي ويو آهي. سندس چوڻ هو ته زيرو ريٽنگ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ جي معاملي تي ڳالهيون ٿيون آهن. شبر زيدي چيو ته ڪراچي جي واپارين ۽ آپٽما جي اڳواڻن سان ڳالهيون ٿيون آهن. هن چيو ته سيلز ٽيڪس وصول ڪرڻ جو اختيار صرف انهن کان آهي جيڪي رجسٽرڊ آهن ۽ انهن جي تعداد 47 هزار آهي. جيڪڏهن ڪٿي ڪو غلط ڪم ٿي رهيو آهي ته اهي اسان کي ٻڌائين.جيڪڏهن ڪنهن گهٽي محلي ۾ دڪاندار کان سيلز ٽيڪس جي معاملي تي غلط بياني ڪئي پئي وڃي ته اها ڳالهه اسان جي نوٽيس ۾ آندي وڃي. هن چيو ته هر شهر ۾ واپارين جون تنظيمون ٺهيل آهن. واپارين جا جيڪي نمائندا آهن اهي گڏ ٿي اسان وٽ اچي ڳالهيون ڪن. ٽيڪس جي نالي تي غلط فهميون پيدا ڪيون پيون وڃن.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں