مفاد پرست ماڻهو جمهوريت کي تباهه ڪرڻ ۾ رڌل آهن، سينيٽ چيئرمين خلاف بي اعتمادي رٿ ناڪام بڻائينداسين: وزيراعظم

0Shares

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي خلاف عدم اعتماد واري رٿ جي ناڪاميءَ لاءِ پراميد آهي. وزيراعظم سان سينيٽ چيئرمين ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير اعظم خان سواتي بچاءَ وارو وزير پرويز خٽڪ، سينيٽ ۾ قائد ايوان شبلي فراز به موجود هو. ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان سينيٽ چيئرمين خلاف عدم اعتماد واري رٿ جي ناڪاميءَ لاءِ پراميد آهي ۽ هن صادق سنجراڻ کي ڄمي بيهڻ جي صلاح ڏني آهي. ذريعن موجب وزيراعظم سينيٽ چيئرمين کي چيو توهان هائوس کي شاندار انداز ۾ هلائي رهيا آهيو، گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي، عدم اعتماد واري رٿ کي اسان سڀ گڏجي ناڪام بڻائينداسين. عمران خان صادق سنجراڻي کي ڀرپور ساٿ ڏيڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته جمهوريت جو راڳ الاپيندڙ ٻڌائن ته سينيٽ چيئرمين کي هٽائڻ جون ڪوششون ڪهڙي جمهوريت آهي، مفاد پرست ماڻهو جمهوريت کي تباهه ڪرڻ ۾ رڌل ۾ آهن. سينيٽ چيئرمين پڻ اپوزيشن جي عدم اعتماد واري رٿ بابت وزيراعظم سان صلاح مشورو مڪمل ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب ملاقات دوران اعظم سواتي ۽ شبلي فراز وزيراعظم کي نمبر گيم جي حوالي سان بريفنگ ڏني. 01

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں