ڀاشا ۽ مهمند ڊيم جي فوري اڏاوت جو حڪم، اهڙا ريمارڪس نه ڏيڻ گهرجن ته ڪالاباغ ڊيم ڪنهن جو پيءُ به نٿو ٺاهي سگهي: چيف جسٽس

0Shares

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ ڀاشا ۽ مهمند ڊيم جي فوري طور تعمير جو حڪم ڏنو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ ڊيمن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته آبي ذخيرا نه رڳو زندگي پر ملڪي بقا لاءِ به اڻٽر آهن، جڏهن ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل موجب ڀاشا ۽ مهمند ڊيم تي ڪو تڪرار ناهي. ٻڌڻي دوران ارسا بريفنگ ڏيندي چيو ته ملڪ ۾ ٻه نوان ڊيم ٺاهڻ جي ضرورت آهي، ائين ڪرڻ سان وڌيڪ 7 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي جمع ڪرڻ جي گنجائش پيدا ٿي ويندي. انڊس ريور سسٽم اٿارٽي موجب ملڪ جي ضرورت 25 ملين ايڪڙ فٽ آهي پر فوري طور تي ٻه ڊيم ٺاهي هر 10 سالن کان پوءِ نئون ڊيم ٺاهڻ سان فائدو ٿيندو. ارسا طرفان عدالت ۾ ڏنل بريفنگ ۾ چيو ويو ته 1976ع ۾ تربيلا ڊيم مڪمل ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ نئين ڊيم جي تعمير شروع ڪرڻ گهرجي ها پر 1990ع ۾ نئون ڊيم ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي وئي، حقيقت ۾ پاڻي جو مسئلو ڪنهن به حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل ناهي رهيو. بريفنگ دوران چيف جسٽس ثاقب نثار ناڻي واري سيڪريٽري کان پڇاڻو ڪيو ته قوم ڊيمن جي تعمير بابت مدد ڪرڻ چاهي ٿي، ڇا قانون اسان کي ڊيمن لاءِ عطيو وٺڻ جي اجازت ڏئي ٿو؟. ان کان اڳ ڊيمن لاءِ قرض وٺڻ جي سوال تي ناڻي واري سيڪريٽري جو چوڻ هو ته اسان اڳ ئي اندرين ۽ ٻاهرين قرضن ۾ ٻڏل آهيون، چيف جسٽس جي پڇاڻي تي هن چيو ته آئين ڪنهن خاص ڪم لاءِ اڪائونٽ کولڻ جي اجازت ڏيندو آهي. ناڻي واري سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته هن وقت ساليانو 170 رپيا في ايڪڙ وصول ڪيو ويندو آهي، زرعي شين جون قيمتون به 1900 رپيا في ايڪڙ تائين پهچي چڪيون آهن، صوبن کي 15 سئو رپيا في ايڪڙ ڍَل وصول ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي ته 70 ارب ساليانو گڏ ٿيندا، جنهن سان 10 سالن کانپوءِ نئون ڊيم ٺاهي سگهجي ٿو. سپريم ڪورٽ ڪجهه دير لاءِ فيصلو ڪيو ۽ بعد ۾ فيصلو ٻڌائيندي حڪم ڏنو ته ڀاشا ڊيم ۽ مهمند ڊيم جي اڏاوت ڪئي وڃي عدالت ڊيمن جي اڏاوت لاءِ واپڊا چيئرمين شمس الملڪ جي سربراهي ۾ ڪميٽي به جوڙي ڇڏي چيف جسٽس پاران ڊيمن جي تعمير لاءِ عطيو گڏ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو چيف جسٽس چيو ته رجسٽرار سپريم ڪورٽ جي نالي عطين لاءِ اڪائونٽ کوليو وڃي عوام کي گذارش آهي ته ڊيمن جي تعمير لاءِ عطيو ڏين چيف جسٽس ڪيس ۾ ريمارڪس ڏيندي چيو ته اهڙا ريمارڪس نه ڏيڻ گهجن ته ڊيم ڪنهن جو پيءُ به نٿو ٺاهي سگهي ممڪن آهي ته سنڌ سڀاڻي ڪالاباغ ڊيم تي راضپور ڏيکاري سپريم ڪورٽ وٽ اختيار آهن فيصلي کي ڪير به روڪي نٿوس گهجي مجيب پيرزادي دليل ڏنا ته ڪالاباغ ڊيم جي نقصان کي به سامهون رکيو وڃي.5

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں