سکر (بيورو رپورٽ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عوام جي معاشي، جمهوري ۽ انساني حقن تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪنداسين، آخري ساهه تائين جدوجهد ۽ هر قربانيءَ لاءِ تيارآهيون، سرسو سنڌ جو غربت گهٽائڻ وارو پروگرام سڄي پاڪستان ۾ ڦهلائي حقيقي تبديلي آڻي ڏيکارينداسين. هن اهڙو اظهار سکر جي مهراڻ ڪلچرل ڪامپليڪس ۾ سنڌ رورل سپورٽ آرگنائزيشن پاران عورتن کي منظم ڪري پنهنجي پيرن تي بيهارڻ واري پيپلز پاورٽي رڊڪشن پروگرام مان فائدو وٺندڙ سنڌ جي 9 ضلعن جي عورتن جي ڪميونٽي ڪانفرنس کي خطاب دوران ڪيو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي احساس پروگرام جي ڳالهه اُها حڪومت پئي ڪري جنهن وٽ غريب عوام، مزدورن ۽ عورتن جو ڪو احساس ئي ناهي ۽ احساس جي نالي تي مذاق آهي، موجوده وفاقي حڪومت جي ڪوشش هوندي ته بي آءِ ايس پي ختم ٿئي پر ملڪ جون عورتون هن پروگرام کي هرگز ختم ٿيڻ نه ڏينديون. هن چيو ته اهو بينظيرانڪم سپورٽ پروگرام ئي آهي جنهن خيبرپختونخواه کان فاٽا ۽ ڪشمور کان ڪراچي تائين عورتن کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو آهي، سنڌ ۾ سرسو جو انقلابي پروگرام هلي رهيو آهي، جنهن کي يورپي يونين سميت سڄي دُنيا مڃيو آهي ۽ يورپي يونين فنڊ وڌائيندي پاورٽي رڊڪشن پروگرام کي پوري صوبي ۾ پکيڙڻ جو اعلان ڪيو آهي اها ڪاميابي سڄي سنڌ جي عورتن جي ڪاميابي آهي، هن چيو ته پ پ تي تنقيد پئي ٿئي ته هنن نه ميٽرو ٺاهي نه يوٽرن، منهنجو جواب اڄ هتي موجود هي عورتون آهن جيڪي پنهنجي پيرن تي بيٺيون آهن. هن چيو ته اڄ سڄي دُنيا مڃي چڪي آهي ته سنڌ جون عورتون سڀ کان اڳتي آهن ۽ خوشيءَ سان پئسو ڏئي رهيا آهن، آءِ ايم ايف به چئي ڇڏيو آهي ته بي آءِ ايس پي کي ختم ٿيڻ نه ڏينداسين. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سرسو اڄ تائين سنڌ حڪومت جي فنڊنگ سان 10 لک ڪٽنبن کي منظم ڪيو آهي، هڪ لک 80 هزار عورتن کي بغير وياج جي قرض، 50 هزار گهر تعمير ڪيا ۽ 50 هزار عورتن کي هنري سکيا ڏني وئي آهي، هي پروگرام سڄي سکر ڊويزن ۾ پکيڙيو ويندو ۽ بجيٽ ۾ به فنڊ رکيا آهن ۽ غريب ترين عورتن کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان وٺي پيپلزپارٽي جو مشن رهيو آهي ته غريب ترين عوام جي خدمت ڪيون، شهيد ڀٽو اُنهن پاڪستانين کي زمين ڏياري جيڪي ڪڏهن به زمين جا مالڪ نه هئا، مزورن کي صنعتن جو مالڪ بڻايو ۽ ملڪ ۾ روزگار ڏيڻ سان گڏوگڏ نوجوانن کي مفت ۾ پاسپورٽ ٺهرائي پرڏيهه روزگار لاءِ اماڻيو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته غريب عوام جي دعائن ۽ ووٽ جي طاقت سان ايندڙ حڪومت پ پ جي هوندي ۽ انشاءَ الله پيپلز پاورٽي رڊڪشن پروگرام گلگت بلتستان ۽ فاٽا کان وٺي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ شروع ڪري عورتن کي پنهنجي پيرن تي بيهارينداسين اسين چاهيون ٿا ته سنڌ جي عورتن جي سڄي ملڪ جي عورتن جي معاشي زندگي بهتر بڻايون. پ پ چيئرمين پارٽي اڳواڻن کي هدايت ڪئي ته سمورن ضلعي چيئرمينز، سکر ۽ لاڙڪاڻي جي ميئرز سميت سمورن مڪاني ادارن جي ٻين نمائندن کي پابند بڻايو وڃي ته مقامي سطح تي ٿيندڙ ترقياتي ڪمن ۽ علائقن جي ترقي لاءِ سرسو جي منظم عورتن کي ٻانهن ٻيلي بڻايو وڃي ۽ اُنهن جي راءِ کي اهميت ڏني وڃي ڇاڪاڻ ته اُهي محلي ۽ يوسي سطح تائين عوامي مسئلن جي بهتر ڄاڻ رکن ٿيون، جيڪڏهن سڀ گڏجي ڪم ڪنداسين ته پوءِ صفائي سٿرائي ۽ پيئڻ جي پاڻي جا مسئلا حل ٿيندا ان سان گڏ صحت ۽ ويڪسينيشن پروگرامن ۾ به مدد ملندي ۽ اسين ايندڙ نسلن کي روشن مستقبل ڏئي سگهنداسين. هن وڌيڪ چيو ته گڏجي ڪم ڪرڻ سان سنڌ ۾ معاشي انقلاب ايندو، معيشت، حڪمراني ۽ سروس ڊليوري بهتر ٿيندي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته عوامي طاقت سان هن نظام جو مقابلو ڪيو ويندو ۽ اُنهن قوتن جو مقابلو ڪنداسين جيڪي سمجهن ٿا ته هڪ ڪروڙ نوڪرين جو واعدو ڪري غريبن کان روزگار کسي تبديلي آڻينداسين ۽ جيڪي سمجهن ٿا ته 50 لک گهرن جو واعدو ڪري غريبن جي جهوپڙي ڪيرائينداسين، پيپلزپارٽي جو نظريو آهي ته غريب عوام لاءِ جدوجهد آخري ساهه تائين ڪنداسين پوءِ ان لاءِ هر قرباني لاءِ تيار آهيون پر معاشي، جمهوري ۽ انساني حقن تي ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي. اِن کان اڳ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه پنهنجي خطاب ۾ چيو ته وفاق پاران فنڊن ۾ گهٽتائي ۽ محدود وسيلن باوجود سرسو جي پيپلز پاورٽي رڊڪشن پروگرام جاري رکيو ويندو ڇاڪاڻ ته هي پروگرام هيٺين سطح تي وڃي عورن کي طاقت ڏئي ٿو. هن چيو ته سنڌ حڪومت پاران 2009ع ۾ شروع ڪيل هن پروگرام جا نتيجا سڀني جي سامهون آهن ته پهريان عورتن کي گهران نڪرڻ جو شعور نه هو پر اُهي اڄ پنهنجي پيرن تي بيٺيون آهن، اسان هن پروگرام کي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ سڄي سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پکيڙي عورتن کي پنهنجي پيرن تي بيهارينداسين ۽ اُنهن کي ڳالهه جي سگهه ڏينداسين. هن چيو ته شهيدبينظيرڀٽو اڄ لکين ڪروڙين عورتن جي روپ ۾ موجود آهي سندس نظريي تحت عورتن کي خودمختيار بڻايو ويو آهي. اڳوڻي وزيراعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه عمران خان نئين پاڪستان جي ڳالهه پيو ڪري اسين ترقي جي ڳالهه پيا ڪيون جنهن جي قيادت بلاول ڀٽو زرداري پيو ڪري ۽ عورتون اسانجو هر آول دستو آهن، عمران خان هنن غريب عورتن سان مهاڏو نه اٽڪائي متان سندس ڪرسي نه هلي وڃي، هن چيو ته بلاول ڀٽو جي قيادت ۾ سنڌ جا ماڻهو ۽ پيرن تي بيٺل عورتون نئون پاڪستان ٺاهي ڏيکاريندا. ڪميونٽي ڪانفرنس دوران خيرپور، سکر، گهوٽڪي، نوشهروفيروز، قمبرشهدادڪوٽ، شڪارپور، جيڪب آباد، ڪشمور-ڪنڌڪوٽ ۽ لاڙڪاڻي ضلعن ۾ پيپلز پاورٽي رڊڪشن پروگرام مان فائدو حاصل ڪندڙ عورتن جي وڏي انگ پنهنجي ڪاميابيءَ جون ڪهاڻيون ٻڌايون ۽ جذباتي تقريرون پڻ ڪيون. اِن کان اڳ سِي اي او سرسو ڏتل خان ڪلهوڙو آجياڻي تقرير ڪندي پاورٽي رڊڪشن پروگرام تي روشني وڌي. ان موقعي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه مختلف ايل ايس اوز، سي اوز ۽ وي اوز جي بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ عورت عهديدارن ۾ ليپ ٽاپس، اعزازي چيڪ، سرٽيفڪيٽ ۽ لو انڪم هائوسنگ اسڪيم جا چيڪ پڻ ورهايا. ڪميونٽي ڪانفرنس ۾ ايم اين اي سيد خورشيداحمد شاهه، پ پ سنڌ جو صدر نثار احمد کهڙو، ڊاڪٽر نفيسه شاهه، صوبائي وزير سعيد غني، صوبائي صلاحڪار اطلاعات بيريسٽر مرتضيٰ وهاب، سيد ناصر حسين شاهه، سيد اويس قادر شاهه، نعمان اسلام شيخ، وقار مهدي، ميئر سکر بيريسٽر ارسلان اسلام شيخ، جميل سومرو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ٻئي طرف پريس ڪلب ۾ پ پ چيئرمين پريس ڪلب ۾ ميڊيا ٽاڪ ڪندي چيو ته ميڊيا تي جنرل ضياءَ ، ھجي ، جنرپرويز مشرف ھجي يا موجودو حڪومت ھجي ان را ايجنٽن سميت ڏوهارين جا انٽرويو ھلن ٿا مگر اڳوڻي سولين صددر جو انٽرويو نه ھلندو اسن سب ملي ڪري نئين پاڪستان جي آمريت. خلاف به ڀرپور مقابلو ڪندا سين ۽ معاشي قتل عام. جو خاتمو آڻيندا سين اليڪشن ۾ سليڪشن ھلي ٿي ان ڪري پولنگ اسٽيشن ۾ مني مارشلاء آھي اليڪشن ڪميشن عمران کي ڪيتري تائين اليڪشن کٽرائيندين اميد ڪيان ٿو ته اليڪشن ڪميشن نوٽيس وٺي اادارا غريب ماڻھن جا گھر ڊاھڻ ٿا پي ٽي آئي بجيٽ پاڻ ناھين ٺاھي ٻاھران ٺاھيل بجيٽ کي پاس ڪيو ويو آھي عمران خان چيو ھيو ته مان آئي ايم ايف کان ڪڏنھن به قرض نه وٺندس مگر عمران خان آئي ايم ايف وٽ گوڏا کوڙي ڇڏيا آھن ۽لڪ جي عوام کي مهانگائي جو سمنڊ عوام کي ڏنو آھي جنھن ۾ عام ماڻھون خود ڪشيون ڪري رھيا آھن صوبي سنڌ ۾ اين ايف ايوارڊ مطابق ان کي حصو ملڻ گھرجي مگر سازشيون مسلسل ٿي رھيون آھن جنھن کي ناڪام بنائڻو آھي. ۽ منھنجا صحافي ڀائر منھنجي جدوجھد ۾ ساٿ ڏيندو پ پ ھڪ نوٽيفڪيشن ڪڍيو آھي ته جيڪي ججز کان زبردستي فيصلو .ڪرائيندڙ محترمه بي نظير ڀٽو جي شھادت کان پوءِ قتل ڪيس جي جاچ ڪري قاتلن کي ڪيفر ڪتدار تائين پھچائن حڪومت جو ٻوجھ اسان ۽ توھان جي مٿان آھي سينٽ چيئرمين صادق سنجراڻي کي پنھنجي. اڪثريت نه ھئي ان ڪري جنھن سينٽ چيئرمين کي آندو ان جو پورو حق آھي ته اھي سينٽ چيئرمين کي لاھي سگھن ٿا. مان پارليامينٽ کي نقصان نه ڏيڻ ڏيندس ھر پارٽي جو پنھنجو نظريو آھي اڄ سڀني جماعتن ملي ڪري حاصل بزنجو نامزد ڪيو آھي جيڪو ڪامياب ٿيندو مان سينٽ چيئرمين پاڻ اخلاقن ھليو وڃي ھا ته بٺتر ٿي ھاڪنھن به اپوزيشن اين آر او جو مطالبو ناھين ڪيو عمران خان جو مطالبو آھي تر اين آر او وٺو ۽ پئيسا ڏيو ملڪ ڇڏي ھليا وڃو انس وزير اعظم کي پڄڻ نه ڏينداسي
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟