اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان عدالتن مان سزا ماڻيندڙ ماڻهن جي ٽي وي انٽرويوز تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪنهن به سزا يافتا شخص جي انٽرويو جي اجازت نه هجڻ گهرجي. وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 12 نڪاتي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو. اجلاس دوران اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي دور ۾ خرچن تي تفصيلي بريفنگڏني وئي، جنهن ۾ عمران خان کي ٻڌايو ويو ته نواز شريف جي دور ۾ پرڏيهي دورن تي 1421.5 ملين، جڏهن ته آصف زرداري جي دور ۾ 183.5 ملين رپيا خرچ ٿيا. ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا سزا يافتا ماڻهن جي ٽي وي انٽرويوز تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي اهڙا انٽرويو نشر ڪرڻ خلاف پيمرا سان رابطي جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪنهن به سزا يافتا شخص جي انٽرويو جي اجازت نه هجڻ گهرجي، اڳوڻا حڪمران قومي ناڻي تي دورا ڪندا رهيا، ملڪ ۽ قوم کي انهن پرڏيهي دورن سان ڇا حاصل ٿيو؟ اڳوڻن دورن ۾ اڏايل دولت جي هڪ هڪ پئسي جو حساب ورتو ويندو. خواجا آصف جي بطور بچاءُ واري وزير دبئي ۾ ملازمت ۽ اقامو جي معاملي جو نوٽيس ورتو ويو. رپورٽ موجب وفاقي ڪابينا خواجا آصف جي اقامو رکڻ جي تحقيقات جو فيصلو ڪندي سوال اٿاريو ويو ته بچاءُ وارو وزير غير ملڪي ڪمپني ۾ 10 لکن کي ملازمت ڇو ڪندو رهيو؟ تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پنهنجي چئن سالن جي دور ۾ هڪ ارب 84 ڪروڙ رپيا ٻاهرين ملڪ دورن تي خرچ ڪيا. جڏهن ته آصف زرداري بطور صدر هڪ ارب 42 ڪروڙ رپين جا 134 دورا ڪيا. ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جو چوڻ هو ته اجلاس ۾ گذريل ٻن دورن جي 10 سالن ۾ ملڪي قرضو 6 هزار ارب کان وڌي 30 هزار ارب تائين پهچڻ جا معاملا بحث هيٺ آيا. جڏهن ته ملڪي قرض وڌي رهيا هئا ته حڪمرانن جي شاهه خرچين جو ٻڌي ڪري وار اُڀا ٿي وڃن ٿا. تعليم واري وفاقي وزير موجب آصف زرداري پنهنجي ٻاهرين ملڪن جي 134 دورن دوران هڪ ارب 42 ڪروڙ خرچ ڪيا. جڏهن ته هو مجموعي طور تي 257 ڏينهن ملڪ کان ٻاهر رهيو. جڏهن ته نواز شريف بطور وزيراعظم چئن سالن ۾ هڪ ارب 84 ڪروڙ رپيا ٻاهرين ملڪن جي دورن تي خرچ ڪيا. هو مجموعي طور تي 262 ڏينهن ملڪ کان ٻاهر رهيو. شفقت محمود پريس بريفنگ دوران وڌيڪ چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومتي دور ۾ خواجا آصف وزير به هو ته ٻاهرين ملڪ جي ڪمپني جو ايڊوائيزر به هو. جاچ جي ضرورت آهي ته هو غير ملڪي ڪمپني جو ايڊوائيزر ڇو هو.03
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟