اسلام آباد/لاهور (بيورو) احتساب عدالت ايون فيلڊ ريفرنس ۾ جعلي ٽرسٽ ڊيڊ پيش ڪرڻ تي مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز کي نوٽيس جاري ڪندي طلب ڪري ورتو آهي.نيب طرفان احتساب عدالت ۾ درخواست جمع ڪرائي وئي آهي مريم نواز ڪيليبري فونٽ واري جعلي ٽرسٽ ڊيڊ پيش ڪئي، جعلي دستاويز پيش ڪري انصاف جي فراهمي ۾ رنڊڪ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جعلي دستاويز ڏيڻ تي جوابدار يا گواهه کي 10 قيد جي سزا ٿي سگهي ٿي، عدالت سيڪشن 30 تحت سزا ٻڌائي. جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته مريم نواز شريف طرفان ايون فيلڊ ۾ پيش ڪيل ٽرسٽ ڊيڊ جعلي ثابت ٿي آهي تنهن ڪري هن خلاف الڳ ڪارروائي ڪئي وڃي. اسلام آباد جي احتساب عدالت مريم نواز خلاف نيب جي درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي مريم نواز کي 19 جولاءِ تي طلب ڪري ورتو آهي. احتساب عدالت جي جج محمد بشير مريم نواز کي نوٽيس جاري ڪيو آهي. ياد رهي ته گذريل سال اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ احتساب عدالت جي طرفان اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف، سندس نياڻي مريم نواز ۽ ناٺي ڪيپٽن(ر) صفدر کي ٻڌايل سزا معطل ڪندي ٽنهي ڄڻن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو جنهن کان پوءِ کين اڊيالا جيل مان آزاد ڪيو ويو هو. ٻئي طرف مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ ۽ نائب صدر مريم نواز احتساب عدالت ۾ طلبي جي معاملي تي عوام کان مشورو وٺي ڇڏيو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ مريم نواز چيو آهي ته منهنجي پريس ڪانفرنس ۾ سڀئي سازشون بي نقاب ٿيڻ کانپوءِ گهبراٽ ۾ حڪومت منهنجي خلاف هڪ ٻيو ڪيس ڪري ڇڏيو آهي. آئون عوام کان پڇان ٿي ته منهنجي سوالن جا جواب ملڻ بجاءِ مون کي نيب ۾ پيش ٿيڻ گهرجي؟ جيڪو آڊيو ۽ وڊيو جي ذريعي يرغمال هجي. مريم نواز عوام کي مخاطب ٿيندي چيو ته آئون توهان کان مشورو گهران ٿي ته مون کي هڪ ثابت شده انتقام جي سامهون پيش ٿيڻ جو بائيڪاٽ ڪرڻ گهرجي يا پيش ٿي نيب عدالت ۾ بيهي کير جو کير ۽ پاڻي جو پاڻي ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته “گهرائڻو آهي ته پنهنجي رسڪ تي گهرائجو، منهنجون ڳالهيون ٻڌي نه سگهندئو نه سهي سگهندو، اهو نه ٿئي ته مٿو پٽيندا رهجي وڃو!”.03
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟