اپوزيشن سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي خلاف ٺهراءُ جمع ڪرائي ڇڏيو

0Shares

اسلام آباد (بيورو) ملڪ جي ٻن وڌين اپوزيشن جماعتن جي قيادت تي ڪرپشن جي الزامن جي باوجود پي ٽي آءِ حڪومت تي دٻاءُ وڌائڻ لاءِ سينيٽ ۾ موجود اپوزيشن صادق سنجراڻي جي خلاف عدم اعتماد جي رٿ جو ٺهراءُ ۽ سينيٽ اجلاس سڏائڻ جي رڪويزيشن جمع ڪرائي ڇڏي سينيٽ چيئرمين جي خلاف عدم اعتماد واري رٿ جي ٺهراءُ کي سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائڻ لاءِ اپوزيشن سان تعلق رکندڙ سينيٽرز جو هڪ اجلاس سينٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ راجا ظفرالحق جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ عدم اعتماد جي رٿ لاءِ حڪمت عملي اختيار ڪئي ويئي اجلاس ۾ شيرين رحمان، پرويز رشيد مصدق ملڪ آصف ڪرماني سميت سسئي پليجو، يوسف باديني، ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار، مشاهدالله خان، ستاره حيات ۽ ٻيا شريڪ ٿيا ان کان سواءِ پ پ پ کان رٺل سينيٽر خانزاده خان به هن اجلاس ۾ شريڪ ٿيو جڏهن ته مخالف ڌر جماعتن جي اجلاس ۾ سراج الحق ۽ مشتاق احمد شرڪت نه ڪئي سينيٽ چيئرمين جي خلاف عدم اعتماد جو ٺهراءُ تيار ڪرڻ لاءِ مختلف معاملن جو جائزو ورتو ويو جڏهن ته سينيٽر شيرين رحمان رولز تي بريفنگ ڏني جنهن کان پوءِ صادق سنجراڻي جي خلاف عدم اعتماد جو ٺهراءُ شيرين رحمان ۽ سينيٽر جاويد عباسي تيار ڪيو جنهن تي اجلاس ۾ شامل سمورن اپوزيشن سينيٽرن صحيحون ڪري ڇڏيون ذريعن ٻڌايو ته اپوزيشن سينيٽ اجلاس سڏائڻ لاءِ ريڪويزيشن جمع ڪرائڻ جو به فيصلو ڪيو جنهن کي ٺهراءُ سان گڏ جمع ڪرايو ويو.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں