اسلام آباد (بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسٽيڊنگ ڪميٽين جا سڏايل اجلاس ختم ڪرڻ پارليامنٽ تي حملو آهي، پارليامنٽ جي اندران پارليامنٽ تي حملو ٿيو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته اسپيڪر جي آفيس مان هڪ نوٽيفڪيشن نڪتو جنهن ۾ چيو ويو ته اسٽيڊنگ ڪميٽين جا سڏايل اجلاس ختم ڪيا وڃن ٿا. اڄ ڪنٽينر وارا پارليامنٽ اندر پارليامنٽ تي حملا ڪري رهيا آهن، اسٽيڊنگ ڪميٽين بنا پارليامنٽ اڻپوري آهي. پ پ چيئرمين چيو ته اڄ اسٽيڊنگ ڪميٽي ۾5 بلن تي بحث ڪرڻو هو. رولز موجب اسپيڪر کي اهو اختيار حاصل ناهي. اڄ جڏهن ڪميٽين جي اجلاسن بابت نوٽيفڪيشن جاري ٿيو ته اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر پرڏيهه ۾ آهن. اڄ ڪنٽينر وارا پارليامنٽ جي اندر ويهي پارليامنٽ تي حملا ڪري رهيا آهن، رولز موجب اسپيڪر ڪميٽين جي اجلاسن تي پابندي نٿو هڻي سگهي. هن چيو ته هي خودمختيار پارليامنٽ کي نٿا مڃن، اسان سمجهون ته ڀڳل ٽٽل جهموريت به آمريت کان بهتر هوندي آهي. جيڪڏهن اوهان اهڙي نموني ايوان هلائيندئو ته پوءِ مخالف ڌر وٽ آپشن گهٽ هوندا آهن، اسپيڪر کي فوري طور ڪميٽين جي اجلاسن بابت فيصلو واپس وٺڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ اسان پارليامنٽ خلاف ٿيندر ڪنهن به قدم خلاف ويڙهه ڪنداسين، هي سمورا قدم ان فاشسٽ حڪومت جو چهرو وائکو ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پارليامنٽ ۾ ڪنهن به جهموريت لاءِ اهم ترين ادارو آهي، هتي جهمور جي مسئلن تي ڳالهايو ويندو آهي، ماڻهو پنهنجن معاملن لاءِ ان فورم کي استعمال ڪري هڪ ٻئي جي ڳالهه ٻڌندا ۽ ٻڌائيندا آهن. بلاول ڀٽو چيو ته جيڪڏهن جهموريت جا رستا بند ڪيا ويا ويندا ته ان جا سنگين نتيجا نڪرندا، هن چيو ته گذريل ڏينهن ٽن ٽي وي چئنلن جي نشريات بندي ڪئي وئي، اهو اظهار جي آزادي تي حملو آهي، صحافت جي آزادي تي حملو آهي ۽ اهو ڪنهن طور قابل قبول ناهي. بلاول ڀٽو چيو ته اڄ صحافي نه اخبارن ۾ پنهنجي ڳالهه ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي سوشل ميڊيا ذريعي پنهنجو موقف ڏئي سگهي ٿو، ٽوئيٽر اڪائونٽ بند ڪرايا پيا وڃن. بلاول ڀٽو چيو ته دنيا کي ان جو جواب ڪير ڏيندو هن ملڪ ۾ احسان الله احسان جو انٽرويو هلي سگهي ٿو، ڪلڀوشن ياديو جو انٽرويو هلي سگهي ٿو، پر قبائلي جوانن ۽ اڳوڻي صدر جا انٽرويو سندن موقف نٿا هلي سگهن.03
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟