سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان اڳوڻي صوبائي وزير ضياءَ لنجار خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو حڪم

0Shares

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نيب اختيارين سنڌ هاءِ ڪورٽ کي آگاهه ڪيو آهي ته اڳوڻي صوبائي وزير خلاف ريفرنس منظوري لاءِ هيڊڪوارٽر موڪليو ويو آهي، جنهن تي عدالت ريفرنس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي 22 آگسٽ تي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. نيب پراسيڪيوٽر موجب ضياءُ الحسن لنجار تي ڪرپشن ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جو الزام آهي، هن خلاف جاچ مڪمل ڪئي وئي آهي.  نيب اختيارين موجب ضياءُ الحسن لنجار طرفان ڪراچي ۾ بنگلو خريد ڪرڻ جي حوالي سان ڄاڻ حاصل ڪئي وئي آهي، هُن پبلڪ فنڊز جي رقم پنهنجي فرنٽ مين ذريعي پنهنجي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪرائي. نيب موجب هُن نواب شاهه ميڊيڪل ڪاليج ۽ ٻين اسڪيمن جي رقمن ۾ گهوٻيون هنيون. نيب اختيارين جو چوڻ آهي ته ضياءُ الحسن لنجار پبلڪ فنڊن مان 17 ڪروڙ ۽ ڪاليج لاءِ رکيل 13 ڪروڙ رُپيا پنهنجي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪرايا.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں