اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم چيو آهي ته عدليه کي جج جي مبينه وڊيو جي نوٽيس وٺڻ گهرجي (ن) ليگ ماضي ۾ به عدليه تي دٻاءُ وجهندي رهي آهي نئون پاڪستان آهي هاڻي ايئن نه هلندو عدليه وڊيو لنڪ جو نوٽيس وٺي جيڪو فيصلو ڪري حڪومت مڪمل سهولت ڏيندي سومر تي وزيراعظم جي صدارت هيٺ ترجمانن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ملڪي موجوده سياسي صورتحال تي صلاح مشوره ڪيا ويا ذريعن موجب وزيراظم جلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪي وقار ۽ قومي ادارن تي حملا برداشت نه ڪيا ويندا ادارن کي تڪراري بنائڻ جي ڪنهن به سازش کي ڪامياب نه ٿيڻ ڏينداسين هن چيو ته ادارن جي خلاف بيانن جو ڀرپور جواب ڏنو وڃي عمران خان چيو ته ادارن کي تڪراري بنائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي هن چيو ته (ن) ليگ ماضي ۾ به عدليه تي دٻاءُ وجهندي رهي آهي عمران خان هڪ دفعو ٻيهر واضح ڪيو ته احتساب جو عمل جاري رهندو جج جي مبينه وڊيو تي عمران خان چيو ته عدليه آزاد ۽ خود مختيار آهي عدليه کي مبينه وڊيو جو نوٽيس وٺڻ گهرجي وزيراعظم چيو ته اپوزيشن حڪومتي قدمن تي اعتراض اٿاري سگهي ٿي ان لاءِ معاملو عدليه تي ڇڏڻ چاهيون ٿا هن چيو ته مبينه وڊيو جو فارنزڪ آڊٽ ضروري اهي چاهيون ٿا ته عدليه حڪم ڏي. وزيراعظم عمران خان چيو ته ان معاملي ۾ حڪومت کي ڌر نه بڻجڻ گهرجي، عدليا آزاد ۽ خودمختيار آهي، عدليا کي مبينا وڊيو جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان آصف زرداري ۽ نوازشريف کي ڪابه رعايت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪندي ٻنهي اڳواڻن جي صدر طور ۽ وزيراعظم پرڏيهي دورن جو تفصيل طلب ڪري ورتو خانگي ٽي وي حڪومتي ذريعن ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان آصف زرداري ۽ نوازشريف کي ڪابه رعايت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي وزيراعظم پرڏيهي وزارت کان 2008 کان هن وقت تائين آصف زرداري ۽ نوازشريف جي علاج تي ٿيندڙ خرچ به طلب ڪري ورتا ان کان علاوه ڪابينه ڊويزن کان ڪئمپ آفيس جا خرچ ۽ سيڪيورٽي تي خرچن جو تصيل طلب ڪيو ويو آهي ذريعن موجب ٻنهي دورن ۾ پارليامينٽ ميمبرن جي دورن ۽ ٻاهرين ملڪ علاج جو تفصيل طلب ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم عمران خان خرچن جو تفصيل ظاهر ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو آهي.03
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟