جعلي اڪائونٽس ڪيس: فريال ٽالپر جي جسماني رمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ

0Shares

اسلام آباد (بيورو) احتساب عدالت جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ فريال ٽالپر جي جسماني رمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي. اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ جعلي اڪائونٽ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، نيب آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر  کي عدالت۾ پيش ڪيو. ٻڌڻي دوران نيب فريال ٽالپور جي وڌيڪ جسماني رمانڊ جي استدعا ڪندي ٻڌايو ته گذريل رمانڊ تي فريال ٽالپر کان هڪ ڏينهن پڇاڳاڇا نه ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته جنهن ڏينهن سندس رمانڊ ٿيو ان ئي ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني سندس پروڊڪشن آرڊر جاري ڪري ڇڏيا ۽ هوءَ پروڊڪشن آرڊر تي سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ڪراچي هلي وئي ۽ ڪلهه شام واپس آئي آهي. نيب جي موقف تي جج ارشد ملڪ سوال ڪيو ته ڇا اڃان تائين سنڌ اسيمبلي جو اجلاس هلي رهيو آهي.؟ جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر  اجلاس بابت آگاهه ڪيو. ان موقعي تي اڳوڻي صدر آصف زرداري عدالت کي چيو ته فريال ٽالپر کي استثنيٰ ڏني وڃي جڏهن ته منهنجو 90 ڏينهن  جو رمانڊ ورتو وڃي. اڳوڻي صدر جي موقف تي جج ارشد ملڪ چيو ته ائين ممڪن ناهي جنهن تي آصف زرداري جواب ڏنو ته جيئن اوهان بهتر سمجهو. فريال ٽالپر جي وڪيل عدالت کان کيس جسماني رمانڊ مان ڇوٽ ڏيڻ جي استدعا ڪئي جيڪا عدالت رد ڪندي چيو ته جسماني رمانڊ ۾ ڇوٽ نٿي ڏئي سگهجي، عدالت فريال ٽالپر جي جسماني رمانڊ ۾ 14 ڏينهن واڌ ڪندي کيس 22 جولائي تي ٻيهر پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي . عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين آصف زرداري کان جج ارشد ملڪ جي مبينا ويڊيو بابت سوال ڪيو پر هن موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ٻڌڻي کان اڳ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي وچ ۾ ملاقات به ٿي هئي.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں