شرجيل ميمڻ خلاف غيرقانوني اثاثن ۽ مني لانڊرنگ الزامن هيٺ جاچ جي منظوري

0Shares

ڪراچي(چيف رپورٽر) نيب چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ شرجيل ميمڻ جي خلاف جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي. تفصيل موجب ڪجهه عرصو تڪرار کان پري رهندڙ صوبائي وزير شرجيل ميمڻ هڪ ڀيرو ٻيهر جاچ جي ور چڙهي ويو. نيب ترجمان موجب شرجيل ميمڻ کان آمدن کان وڌيڪ اثاثن، مني لاندرنگ تي جاچ ڪئي ويندي، ان سان پهرين شرجيل ميمڻ جي خلاف رڳو انڪوائري هلي رهي هئي. نيب ترجمان جو چوڻ آهي ته نيب چيئرمين جي اجازت کان پوءِ باقاعده جاچ آعاز ڪري ڇڏيو آهي، شرجيل ميمڻ اختيارن جو ناجائزو فائدو کڻي اربن جي ڪرپشن ۽ عهدي جي مقرري دوران جو غلط استعمال ڪيو، ڪرپشن ذميوار ٿيو. نيب جو چوڻ آهي ته اڳوڻي وزير بدعنواني جي ذريعي ڪيتريون ئي بنا نالي ملڪيتون بڻايون، شرجيل ميمڻ بنا نالي ملڪيتون خاندان ۽ ملازمن جي نالن تي بڻايون.نيب ڪراچي شرجيل ميمڻ جي سمورين ملڪيتن جي تفصيل جاري ڪري ڇڏي، سندس ماءُ جي نالي تي 270 ايڪڙ جي زرعي زمين آهي، هن مني لانڊرنگ سان پرڏيهه 1 ارب 8 ڪروڙ کان وڌيڪ جي رقم موڪلي، حيدرآباد راول فارم هائوس جي ماليت 1 ارب رپيا آهي، حيدرآباد ۾ 10 ڪروڙ کان وڌيڪ ماليت جي ڪاٽن فيڪٽري بڻائي وئي.نيب ترجمان چيو ته شرجيل ميمڻ ماءُ جي نالي تي 21 ڪروڙ جي ماليت جا 3 پلاٽ خريديا، شرجيل ميمڻ ۽ سندس گهرواري جي نالي تي ڪيترائي فليٽ ۽ ولاز آهن، هن سائيٽ ايريا ۾ ملازمن جي نالي تي 6 پلاٽ خريديا، پلاٽ پرنسل سيڪريٽري اظهار حسين، ڊرائيور سبحان جي نالن تي خريديا ويا. 01

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں