اسلام آباد (بيورو) احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ چيو ته وزيراعظم نواز شريف ڪيس جو فيصلو مون خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي ۽ قانون ۽ شاهدين جي بنياد تي ڏنو. احتساب عادلت جي جج ارشد ملڪ جي مبينا وڊيو سامهون اچڻ جي حوالي سان رجسٽرار احتساب ڪورت جج ارشد ملڪ جو بيان جاري ڪيو آهي جنهن ۾ هن چيو ته مون تي واسطي ۽ بنا واسطي ڪوبه دٻاءُ نه هو، ڪابه لالچ نظر ۾ نه هئي جڏهن ته مون اهو فيصلو خدا کيحاضر ناظر ڄاڻي قانون ۽ شاهدين جي بنياد تي ڏنو. جج ارشد ملڪ پنهنجي بيان ۾ چيو ته پريس ڪانفرنس وسيلي مون تي سنگين الزام هڻِي منهنجي خالاف سازش ڪئي وئي، الزام هڻي منهنجي اداري، منهنجي ذات ۽ منهنجي خاندان جي ساک کي متاثر ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي. هن چيو ته مريم نواز جي پريس ڪانفرنس ۾ ۾ ڏٺي ويندڙ وڊيوز حقيقتن جي برعڪس آهي، وڊيوز ۾ مختلف موقعن ۽ موضوعن تي ڪيل ڳالهين کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪرڻ جي مذموم ڪوشش ڪئي وئي آهي. احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ چيو ته مان راولپنڊي جو رهواسي آهيان جتي مان جج بڻجڻ کان اڳ وڪالت ڪندو رهيو آهيان، وڊيوز ۾ ڏيکاريل ڪردار ناصر بٽ جو تعلق به ان ئي شهر سان آهي، منهنجي ناصر بٽ سان پراڻي سڃاڻپ آهي، ناصر بٽ ۽ ان جو ڀاءُ عبدالله بٽ ڳچ عرصي کان مختلف وقتن تي مون سان بيشمار ڀيرا ملي چڪا آهن، مريم نواز جي پريس ڪانفرنس کانپوءِ اهو ضروري آهي ته سچ منظرعام تي آندو وڃي. جج ارشد ملڪ بيان ۾ چيو ته نواز شريف ۽ سندس خاندان خلاف ڪيسن جي ٻڌڻي دوران مون کي سندس نمائندن طرفان رشوت جي آڇ ڪئي وئي، مون کي تعاون نه ڪرڻ جي صورت ۾ سنگين نتيجن جون ڌمڪيون به ڏنيون ويون، ڌمڪين کي مون سختي سان رد ڪندي حق تي قائم رهڻ جو عزم ڪيو. احتساب عدالت جي جج چيو ته مون پنهنجي جان ۽ مال الله تعاليٰ جي حوالي ڪري ڇڏيو، مون کي جيڪڏهن دٻاءُ يا رشوت جي لالچ ۾ فيصلو ٻڌائڻو هجي ها ته هڪ ڪيس ۾ سزا ۽ ٻئي ۾ بري نه ڪريان ها، مون انصاف ڪندي شاهدين تي نواز شريف کي العزيزيا ڪيس ۾ سزا ٻڌائي ۽ فليگ شپ ڪيس ۾ بري ڪيو، اها پريس ڪانفرنس صرف منهنجي فيصلن کي تڪراري بڻائڻ ۽ سياسي فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ ڪئي وئي ان ڪري ان ۾ ملوث ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ گهرجي.03
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟