وڊيو جي فرانزڪ ٽيسٽ ڪرائي ويندي، چور مچائي شور جو نظريو هلڻ نه ڏنو ويندو: فردوس اعواڻ

0Shares

سيالڪوٽ (م ڊ) حڪومت مريم نواز جي وڊيو جي فارنزڪ آڊٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سيالڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته حڪومت آڊيو ۽ وڊيو جي فارنزڪ ٽيسٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته/ جتي اداري تي سوال اٿاريو وڃي ته حڪومت ڪنهن ٽولي جي هٿ نه ايندي، آڊيو ۽ وڊيو جي جاچ حڪومت ڪندي. سندس چوڻ هو ته چور مچائي شور جي نظريي کي هلڻ نه ڏنو ويندو، آڊيو ۽ وڊيو جي شڪي ڪردار کي وائکو ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪالهه سياسي پوائنٽ اسڪورنگ لاءِ اسٽيج تيار ڪيو ويو، کل جوڳي پريس ڪانفرنس ڪئي وئي. هن چيو ته پريس ڪانفرنس ۾ هڪ وارداتي ٽولي حقيقتون چھري قوم جو وقت ضايع ڪيو، شهباز شريف يرغمال بڻيل رهيو.  سندس چوڻ هو ته مريم نواز ڪالهه پنهنجي ئي پارٽي تي آپگهات حملو ڪيو، روايتي طريقا استعمال ڪندي جج تي آڱريون کنيون ويون، پريس رليز ٻنهي ڪردارن کي وائکو ڪيو آهي. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته معزز جج جي پريس رليز کانپوءِ کين ٻڏي مرڻ گهرجي، مخالف ڌر جي رهبر ڪميٽي رهزن ڪميٽي آهي. هن چيو ته سياست جي ٻارهين رانديگرن جي خواهش تي اي پي سي طلب ڪئي وئي، اهڙن ترن ۾ هاڻي تيل ناهي، هي ڪک جو سهارو ڳولي رهيا آهن. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته سينيٽ چيئرمين وفاق جي علامت هوندو آهي، هي وفاق تي حملو ڪرڻ وڃي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اهي ماڻهو چوري ۽ سينا زوري جو مثال آهن. ڀلي سنگل، ڊبل ۽ ٽرپل مارچ ڪيو پر اسان تي ڪو به فرق نٿو پوي. راج ڪماري کي ضمانت  ملي ان وقت وڊيو ڇو نه ڏيکاري وئي. جج وڊيو کي رد ڪيو آهي. وڊيو خلاف ڪيس داخل ٿي سگهي ٿو. جج ريفرنس داخل ڪرائي سگهي ٿو. هن چيو ته حڪومت الڳ ڪارروائي ڪري سگهي ٿي. جنهن ميڊيا هائوس ۾ وڊيو ٺاهي وئي ان خلاف جاچ ٿيندي. حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته بي نامي ادارن کي آخري انجام تائين پهچائڻو آهي. هنچيو ته قانون کي گهر جي نوڪرياڻي نٿو بڻائي سگهجي. قانون پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو. ادارا آزاد آهن چارٽر ڊيموڪريسي جي نالي تي چارٽر ڊيمو ڪرپشن ڪئي وئي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں