وفاق اين ايف سي ايوارڊ مان 105 ارب رپيا گهٽ ڏنا، سنڌ ۾ شديد مالي بحران آهي: مراد علي شاهه

0Shares

سکر (بيورو) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته گڊو ۽ ڪوٽڙي بئراج سميت سڄي سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي گهرج مطابق پاڻي ڏيڻ لاءِ ارسا سان ڳالهايو ويندو، چشما ڊائون اسٽريم ۾ 2 لک 45 هزار ڪيوسڪ پاڻي ٿيڻ کانپوءِ ڪجهه بهتري اچڻ جي اميد آهي، تنهن هوندي به پاڻيءَ جا مسئلا موجود آهن، آبپاشي کاتي کي مينيجمينٽ سڌارڻ جي هدايت ڪندي چيو ويو آهي ته موجود پاڻيءَ جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻايو وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار سکر بئراج تي پاڻيءَ جي صورتحال بابت بريفنگ وٺڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات کاتي جي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، صوبائي وزير ٽرانسپورٽ اويس قادر شاهه، آبپاشي بابت خاص معاون اشفاق ميمڻ، سيڪريٽري آبپاشي ڊاڪٽر سعيد احمد مڱڻيجو ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر موجود هئا. وڏي وزير چيو ته هو سکر بئراج ايريگيشن سسٽم جو سينٽر آهي جتي هو پاڻيءَ جي کوٽ کانپوءِ بريفنگ وٺڻ آيو آهي، ٻوڏ جو خطرو پنهنجي جاءِ تي پر هن وقت سڄي سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي ۽ هر جاءِ تان آبادگارن جون شڪايتون اچي رهيون آهن، سکر بئراج وٽان پاڻي گذرڻ جي ڊمانڊ اڪارڊ ايلوڪيشن تحت 62 هزار ڪيوسڪ آهي پر گذريل ڏهن ڏينهن ۾ 48 هزار ڪيوسڪ گذريو آهي. هن چيو ته گڊو ۽ ڪوٽڙي بئراج تي به پاڻي جي شديد کوٽ آهي، آبپاشي جي معاون خصوصي اشفاق ميمڻ کي ارسا سان ڳالهائڻ جو چيو آهي، هن وقت چشما ڊائون اسٽريم ۾ 2 لک 25 هزار ڪيوسڪ پاڻي آهي ان کي 2 لک 45 هزار ڪري رهيا آهن، جنهن کانپوءِ ڪجهه بهتري اچڻ جي اميد اهي پر تنهن هوندي به سنڌ ۾ پاڻي جا مسئلا موجود آهن. وزيراعليٰ سنڌ چيو ته ڪالهه سيڪريٽري ايريگيشن رائيٽ بينڪ وزٽ ڪيو آهي ۽ هڪ ڊائريڪٽ لائين ختم ڪري ذميوارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي، ايريگيشن جو مينيجمينٽ سسٽم سڌارڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ آبپاشي آفيسرن کي چيو ويو آهي ته جيڪو پاڻي موجود آهي اُن جي منصفاڻي ورڇ ڪئي وڃي ته جيئن آبادگارن تائين پاڻي پهچي سگهي. وفاق پاران 3 اسپتالون واپس ڪرڻ جي معاملي تي پڇيل سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته اسپتالون اسان وٽ ئي آهي، جنوري ۾ آيل عدالتي فيصلي تحت وفاق کي ٽن مهينن اندر اسپتالون واپس وٺڻيون هيون ۽ ان عرصي دوران سنڌ حڪومت جي خرچ جو ڪاٿو پڻ لڳائڻو هو، جڏهن ته هاءِ ڪورٽ جو فيصلو هيو ته 2011 کان سنڌ حڪومت جا ڪيل خرچ واپس ڪري پوءِ وفاق اسپتالون سنڀالي، اسان اُن ڏينهن کان ئي چئي رهيا هئا سين ته وفاق جي اسپتالون سنڀالڻ ۾ نيت ئي ناهي، پئسا ته بعد جي ڳالهه هوندي آهي، پئسي جي شديد کوٽ سنڌ ۾ به آهي ۽ اين ايف سي مان به اٽڪل هڪ سئو ارب روپيا گهٽ مليا آهن ۽ وفاق واعدي مطابق به پئسا ناهن ادا ڪيا. هن چيو ته اسانکي پهريان ئي خبر هُئي ته وفاق جي خواهش ناهي اسپتالون سنڀالڻ جي ۽ اهي اسپتالون سنڌ حڪومت ئي سنڀاليندي، جيتوڻيڪ وفاقي حڪومت اسپتالون پنهنجي ڪنٽرول ۾ وٺڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو هو تنهن جي باوجود سنڌ حڪومت موجوده بجيٽ ۾ ٽنهي اسپتالن لاءِ ساڍا 16 ارب رپيا مختص ڪيا آهن، ڇاڪاڻ ته وفاق پنهنجي بجيٽ ۾ انهن اسپتالن لاءِ هڪ روپيو به نه رکيو. وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه گهوٽڪي جي ضمني چونڊ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان چاهيون ٿا ته آزاد ۽ شفاف اليڪشن ٿئي ۽ ماڻهو جنهن کي ووٽ ڏين اُهو ڪامياب ٿئي، انشاءَ الله تعاليٰ سنڌ حڪومت جي ڪوشش هوندي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي هدايتن مطابق آزاد ۽ شفاف اليڪشن ٿئي. ماڪڙ حملي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته وفاقي حڪومت کي به وسيلا وڌائڻ جو چيو آهي، تنهن هوندي به خيرپور سميت ٻين ماڪڙ سٽيل ضلعن پاران ماڪڙ مار اسپري جون گاڏيون هائير ڪرڻ، دوائون خريدڻ ۽ ٻين ضرورتن لاءِ سنڌ حڪومت کي اٽڪل 300 ملين رپين جا فنڊ گهريا ويا آهن جنهن جي 2 ڏينهن اڳ منظوري ڏئي ڇڏي آهي ته جيئن انهن کي پئسا ملي وڃن ۽ ڪوشش هوندي ته ماڪڙ تي ايندڙ ٽن مهينن اندر ڪنٽرول ڪيو وڃي. سکر بئراج بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته سکر بئراج تي مسئلا ضرور آهن پر ٻوڏ جي صورتحال ناهي جيڪڏهن ٿي ته اسين پوري طرح سان تيار آهيون ۽ ايمرجنسي بنيادن تي سکر بئراج جي دروازن تي ڪم ڪرايو پيو وڃي. اِن کان اڳ ايگزيڪيوٽو انجنيئر سکر بئراج جي آفيس ۾ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه کي سيڪريٽري آبپاشي سنڌ ڊاڪٽر سعيد احمد مڱڻيجو پاڻي جي کوٽ ۽ وهڪرن بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته گڊو بئراج وٽ ڊمانڊ کان گهٽ پاڻي ڏنو پيو وڃي اسان ارسا کي هڪ لک 90 هزار ڪيوسڪ پاڻي جي تازي انڊينٽ ڏني آهي، گڊو وٽ هڪ لک 35 هزار ڪيوسڪ ڇوٽ ٿيندو تڏهن ئي سکر بئراج وٽان 62 هزار ڪيوسڪ پاڻي گذري سگهندو. سيڪريٽري آبپاشي چيو ته غيرقانوني پائيپ ۽ لوليون هڻندڙن توڙي لفٽ مشينن وسيلي پاڻي چوري ڪندڙن خلاف 400 کان وڌيڪ ايف آءِ آر داخل ڪيون ويون آهن، جڏهن ته خراب ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ آفيسرن خلاف کاتيوار ڪارروائي ڪئي وئي آهي. بريفنگ دوران وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ڊي آءِ جي سکر پوليس کي هدايت ڪئي ته پاڻي چوري جي روڪٿام لاءِ آبپاشي کاتي سان سهڪار ڪيو وڃي ۽ ملوث جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. وزيراعليٰ سنڌ ڪمشنر سکر ڊويزن کي هدايت ڪئي ته رسول آباد سميت خيرپور ضلعي جي مختلف علائقن مان ساريون پوکجڻ جون شڪايتون مليون آهن ان سلسلي ۾ جوڳا قدم کڻي ساريالي فصل تي لڳل پابنديءَ تي سختيءَ سان عملدرآمد ڪرايو وڃي. هن چيو ته سنڌ ۾ اڌ کان وڌيڪ وزارتون خالي ٿيڻ جون ڳالهيون بي بنياد آهن مان وڏو وزير آهيان ۽ سموريون وزارتون مون وٽ آهن ۽ منهنجو اهو اختيار آهي ته مان ڪهڙي وزير کي ڪيترا کاتا ڏيان ٿو هڪ، ٻه يا ڏهه ڏيان منهنجو اختيار آهي 18 هين ترميم کانپوءِ اسان 18 وزير لڳائي سگهون ٿا وڏي وزير چيو ته ڄام سيف الله ڌاريجو جي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ واري تقريب ۾ پارٽي نائب صدر جي حيثيت سان شرڪت ڪئي جيڪڏهن گهوٽڪي ۾ ٿيندڙ ننڍي چونڊ تي اثر انداز ٿيڻو هجي ها ته ڄام سيف الله جو گهر گهوٽڪي ۾ اتي به تقريب  ڪرايون ها پارٽي جو نائب صدر آهيان، وڏو وزير به آهيان پنهنجو ڪم ته بند نه ٿو ڪري سگهان مداخلت ته اها آهي جو اوهان جو وفاقي وزير لاڏاڻو ڪري ويو تڏهن به اوهان وفاقي ڪابينا جو اجلاس جاري رکيو ۽ تعزيت ڪرڻ به ان وقت آيا جڏهن اتي ننڍي چونڊ جو اعلان ڪيو ويو اها آهي مداخلت ان لاءِ اها ڳالهه مان سڀني جي آڏو چٽي ڪري رهيو آهيان. وڏي وزير چيو ته مريم نواز جي وڊيو جو معاملو عدالت آهي ان تي مان نه ڳالهائيندس باقي سپريم ڪورٽ کي ان معاملي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں