اسلام آباد (بيورو) اپوزيشن جي رهبر ڪميٽي 9 جولاءِ تي سينيٽ چيئرمين خلاف قرارداد آڻڻ ۽ 11 جولاءِ تي نئين چيئرمين جي گڏيل اميدوار جي نالي جي اعلان جو فيصلو ڪري ورتو. رپورٽ موجب حڪومت مخالف احتجاجي تحريڪ هلائڻ جي حوالي سان اپوزيشن جي 9 سياسي پارٽين جي 11 ميمبرن تي ٻڌل رهبر ڪميٽي جو پهريون اجلاس ٿيو، رهبر ڪميٽي جي سمورن ميمبرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ ن ليگ مان شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال، پيپلز پارٽي مان فرحت الله بابر، نيئر بخاري، جي يو آءِ ف مان اڪرم خان دراني، نيشنل پارٽي مان مير حاصل بزنجو، اي اين پي مان ميان افتخار، پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي مان عثمان ڪاڪڙ، قومي وطن پارٽي مان هاشم بابر، جميعت علماءِ پاڪستان مان اويس نوراني ۽ مرڪزي جميعت اهلحديث مان شفيق پسروري شرڪت ڪئي.رهبر ڪميٽي اجلاس کانپوءِ اپوزيشن اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهايو، جي يو آءِ ف جي اڳواڻ اڪرم خان دراني چيو ته رهبر ڪميٽي هر ٻن مهينن لاءِ ڪنوينئر مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ پهرين ٻن مهينن لاءِ مون کي ڪنوينئر مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته رهبر ڪميٽي جو ايندڙ اجلاس 11 جولاءِ تي ٿيندو ۽ 25 جولاءِ تي ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو.اڪرم دراني چيو ته 9 جولاءِ تي سينيٽ چيئرمين خلاف قرارداد جمع ڪرائي ويندي، 11 جولاءِ تي سينيٽ چيئرمين لاءِ گڏيل اميدوار جو نالو اعلان ڪيو ويندو، 25 جولاءِ تي صوبائي سطح تي جلسا ڪيا ويندا.اڪرام دراني جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ هڪ نئون سياسي ڍانچو جوڙڻ تي ڪميٽي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، جمهوري ماڻهن کي سياست کان پري رکڻ جي مذمت ڪريون ٿا، اڳوڻي فاٽا ۾ پولنگ اسٽيشن جي اندر فوجي بيهارڻ جي فيصلي کي رد ڪريون ٿا، قبائلي علائقن ۾ فوج جي مقرري جو نوٽيفڪيشن رد ڪيو ويو، اڳوڻي فاٽا جي ٻن ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا وڃن جڏهن ته سمورن سياسي پارٽي گهوٽڪي جي ضمني چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جي حمايت جو اعلان ڪن ٿيون.03
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟